قومي ميڊيا تي نظرانداز ٿيل سنڌ جو آواز

صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ هڪ سازش تحت سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جو سلسلو هلندڙ آهي، افغاني، بنگالي، بيهاري، برمي، ايرانين سميت ڪيترائي ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿي چڪا آهن، سرحدن کي سولائي سان پار ڪري سنڌ پهچندڙ ڌارين جي لوڌ کي نه ڪو روڪيندڙ نه آهي، نه ئي وري انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو ملڪ اندر ڪو نظام موجود آهي، نه ئي ڪو انهن کان اهو پڇڻ وارو آهي ته اوهان وٽ ويزا يا پاسپورٽ آهي،اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڌارين جي لوڌ کي سنڌ اندر سڃاڻپ ڪارڊ  ٺاهي ڏنا ويا آهن، جنهن جي ڪري سنڌي قوم سراپا احتجاج به بڻيل آهي، ان سان گڏ سنڌ جا حڪمران وڏي واڪي سان چئي رهيا آهن، ڪجهه به ٿي پئي، هو ڌارين کي ڪارڊ ٺهرائي ڏيندا، ڀلي اها ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي؟ مطلب ته سنڌي قوم جن ماڻهن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو اهي ئي ماڻهو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازشن جو حصو بڻيل آهن، جنهن جو مثال تازو ئي ڪراچي جي هڪ مقامي عدالت پاران نادرا جي آفيسرن کي ڏنل سزا مان ملي ٿو، عدالت چئن آفيسرن کي ان ڪري سزا ڏني، جو هنن افغاني شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا، هي ته رڳو چئن افغانين جي ڳالهه آهي، پر ڪراچي ۾ ته وڏيون وڏيون بستيون قائم آهي، جتي پوليس ته ڇا رينجرز جو وڃڻ به ناممڪن آهي،  ڪراچي جي پهاڙن تي به انهن جا گهر ٺهيل آهن، مجال آهي جو ڪو انهن جا گهر ڊاهي سگهي پر جيئن ته سنڌي قوم ننڌڻڪي ٿي چڪي آهي، جنهن سبب ڪراچي هجي يا سنڌ جو ڪو ٻيو شهر رڳو ڌرتي ڌڻين جي اجهن کي ڊاهي بي گهر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعات اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور کان ڪراچي مان شروع ٿي هئي، انهيءَ دور ۾ ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين کي ڊاهڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو هو پر  جيڪو  پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ سکر ۽ دادو سميت ٻين شهرن ۾ به شروع ڪيو ويو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته افغانين، پٺاڻن، بنگالين، بيهارين جون آباديون سنڌ سرڪار کي ڇو نظر نه ٿيون اچن، آخر انهن جا اجها ڊاهڻ سنڌ سرڪار  کي همت ڇو نه آهي، رڳو سنڌين جا گهر ڊاهڻ سنڌ جي حڪمرانن لاءِ ڇو سولا آهن؟ ان جو سبب اهو ته نه آهي ته سنڌين پاڻ  ئي انهن کي بي گهر ڪرڻ جو لائينسس ڏئي ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ ته قديم سنڌي وسندين کي رڳو هڪ پنجاب جي بلڊر کي نوازڻ لاءِ ڊاٿيو پيو وڃي ۽ سنڌ جا حڪمران ان بلدر مافيا جا ڏينهن رات گيت ڳائيندا ٿا وتن پر کين ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين بابت ڪو احساس ئي نه آهي. جيڪڏهن ڳوٺاڻا هزارن جي تعداد ۾ روڊن تي به نڪرن ته نام نهاد قومي ميڊيا انهن جي خبر به نشر ناهي ڪندي، رڳو سنڌي ميڊيا ئي انهن جو آواز بڻجندي آهي، سنڌ جي حڪمرانن کي به انهن غريب سنڌين جون دانهون ٻڌڻ ۾نه اينديون آهن پر جڏهن ڪا دهشتگرد پارٽي ڏهه ماڻهو وٺي احتجاج به ڪندي آهي ته اها ئي قومي ميڊيا جلدي سان اهڙي خبر نشر ڪري ڇڏيندي آهي.

ڪالا باغ ڊيم جو اشو هجي يا وري سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف هلندڙ احتجاج، سمورن معاملن تي نام نهاد قومي ميڊيا سنڌ دشمني جو ڪردار ادا ڪندي آهي، لکين ماڻهو به ڪراچي ۾ احتجاج ڪن ته هڪ ٽڪر به نام نهاد  قومي ميڊيا تي ناهي هلندو، جيڪڏهن خبر هلائيندا به ته اها تعصب تي ٻڌل هوندي، احتجاج حقن لاءِ هوندو ته ان کي رنگ اهڙو ڀريو ويندو ته ڄڻ سنڌي ڪو بنگالي هجن، شهيد بشير خان قريشي ئي اهو واحد ليڊر هو، جنهن انهيءَ نام نهاد ميڊيا کي ڀرپور جواب ڏنو هو، جنهن کانپوءِ امير ڀنڀرو  نام نهاد ميڊيا چينلن آڏو احتجاج ڪري انهن جو رويو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اڃا به نام نهاد اردو ميڊيا پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو آهي، ڪراچي ۾ گٽر اٿلي ته به ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنڌ حڪومت خلاف خبرون هلايون وينديون پر دادو، جوهي ۽ٻيا شهر ٻڏي وڃن ته به انهي ءَ نام نهاد ميڊيا جا ڪا به نظر انهن تي  نه پوندي، اها زيادتي اڄ کان نه پر ڪافي عرصي کان هلي رهي آهي، سنڌ جا قومپرست لکين ماڻهو گڏ ڪري  احتجاج به ڪن ته انهن کي الائي ڪهڙا ڪهڙا لقب ڏئي ڇڏيندا آهن، ايتري قدر جو انهن قومپرست اڳواڻن جون خبرون به مشڪل سان هلائيندا آهن.

جڏهن کان ٻيٽن تي قبضي  خلاف سنڌي سراپا احتجاج بڻيا آهن، تنهن ڏينهن کان  نام نهاد  قومي ميڊيا هيل تائين سنڌين جي احتجاج کي نشر ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪا  مثبت رپورٽنگ ڪئي وئي آهي، ايئن ڏيکاريو پيو وڃي ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان ترقي ٿيندي پر اهو ڪير نه ٿو  ٻڌائي ته آخر انهن ٻيٽن تي ڪنهن کي آباد ڪيو ويندو، هڪ بلڊر  جنهن جو تعلق الائي ڪهڙي صوبي سان آهي، جيڪو ڏينهون سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ عيوض خريد ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي ۽ حڪمران ڌر ان سان ٻٽ بڻيل آهي، جيڪڏهن ٻيٽن تي شهر آباد ٿيا ته سنڌي مڪمل طور  اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، جنهن جو ذميوار سنڌ سرڪار به هوندي، هن وقت به  لکين غير ملڪي ڪراچي ۾ آباد آهن، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ ڌارين جي لوڌ لٿل آهي، جيڪي سنڌ جي سرڪاري نوڪرين تي قابض بڻجي ويا آهن ۽ سنڌي نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي دربدر  آهن پر حڪومت کي ڪو ڪياس نه ٿو اچي.

بهرحال ڪجهه ڏينهن اڳ جيئي سنڌ محاذ طرفان  ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويو پر نام نهاد قومي ميڊيا  اها خبر نشر نه ڪئي، ان کان پوءِ عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ طرفان هزارين نياڻيون ڌرتي ڌڻين جي حقن لاءِ ڪراچي پريس ڪلب وٽ گڏ ٿيون ۽ سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙ دهشتگردن کي للڪاريو پر افسوس رڳو سنڌي ميڊيا ئي انهن کي ڪوريج ڏني پر نام نهاد ميڊيا انهن کي ڪا خاص ڪوريج نه ڏني، ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران گورنر هائوس ڪراچي آڏو احتجاج ڪيو ويو، جنهن کي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪيو ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وار خلاف ڀرپور آواز اٿاريون، هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا پر افسوس سان چوڻ ٿو پئي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ قائم نام نهاد قومي ميڊيا جي چينلن انهيءَ احتجاج کي ڪو مثبت جواب نه ڏنو، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته نام نهاد قومي ميڊيا ۾ ويٺل ماڻهو سنڌ دشمني  پاليسي تي هلي رهيا آهن، جيڪي سنڌي قوم جو آواز دٻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪي سري عام چئي رهيا آهن ته ڀلي ڪروڙين سنڌي احتجاج ڪيو، اهي خبر نه هلائيندا، هي وقت سنڌ جي قومپرست تنظيمن لاءِ آهن، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، جيئي سنڌ قومي محاذ چيئرمين صنعان قريشي، نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ محاذ سربراهه رياض چانڊيو، قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن کي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته سنڌ جي راڄڌاني ۾ قائم نام نهاد قومي ميڊيا کي ڀرپور جواب ڏنو وڃي، جيڪي زيادتيون  هو ڪافي عرصي کان سنڌي قوم سان ڪندا ٿا اچن،  اها ڪهڙي صحافت آهي جو  اوهان لکين سنڌين جو آوا ز دٻايو، ڇا ڊاڪٽر قادر مگسي جي جلسي ۾ ڪو ملڪ دشمني جا نعر ا هئا، نه بلڪل نه پر ان باوجود نام نهاد قومي اردو ميڊيا ڪا خاص ڪوريج نه ڏني، وزيراعليٰ هائوس وٽ دهشتگرد تنظيم جا ڏهه ڄڻا به احتجاج ڪندا آهن ته  اها ئي قومي ميڊيا انهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏيکاريندي آهي، ايتري قدر جو سنڌ خلاف ڳالهائيندڙ غدارن کي به ڀرپور ڪوريج ڏني ويندي آهي،  سنڌي ميڊي به اڄ ڏينهن تائين سنڌ خلاف ڳالهائيندڙن جي پريس ڪانفرنس  ۽ جلسن جو به بائيڪاٽ ناهي ڪيو ته پوءِ نام نهاد قومي ميڊيا جن جون آفيسون سنڌ جي دل ۾ موجود آهن، انهن کي سنڌي قوم جو آواز دٻائڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟. سمورن قومپرستن کي اها ئي  درخواست آهي ته ڪراچي ۾ قائم خانگي ٽي وي چينلن تي عوامي دٻاءُ وجهن ته آخر ڇو اهي سنڌي قوم جو آواز دٻائي رهيا آهن؟ جيڪڏهن اها  غير سنڌي خانگي ٽي وي چينل سنڌي قوم جي  آواز و بائيڪاٽ ڪري رهيا آهن ته اسان کي   انهن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ گهرجي، ڇا سڄي سنڌ جا غيرتمند ماڻهو انهن نام نهاد  سنڌ دشمني جي پاليسي تي هلندڙ چينلن خلاف هڪ آواز  نه ٿا ٿي سگهن.

Read Previous

موٽر وي ريپ ڪيس جو مرڪزي جوابدار عابد فيصل آباد مان گرفتار

Read Next

ڪورونا وائرس نوٽن ۽ موبائل اسڪرين تي ڪيترا ڏينهن رهي سگهي ٿو؟

Most Popular