پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي طرفان ٻئي ڏينھن تي اسپتال جي اوپي ڊي جي باءڪاٽ ڪري اسپتال باھران احتجاجي ڪيمپ قائم مريض سخت پريشان

سجاول (ڊر) پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي طرفان ٻئي ڏينھن تي اسپتال جي اوپي ڊي جي باءڪاٽ ڪري اسپتال باھران احتجاجي ڪيمپ قائم مريض سخت پريشان    سمورين اسپتالن جي 0PD جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو تفصيل مطابق جيئن تہ ڪورونا جي وبا فروري کان سنڌ ۾ تيزيء سان شروع ٿي جنهن ۾ صحت جو عملو فرنٽ لائين تي ڪم ڪندي ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ پئراميڊيڪل اسٽاف پنهنجون زندگيون وڄائي ويٺا آھن جڏهن هن وبا ۾ صحت جي عملي سنڌ گورنمينٽ کان پنهنجا حق گهريا تہ سنڌ گورنمينٽ مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر پئراميڊيڪل نرسنگ اسٽاف تي هڪ گرينڊ ھيلٿ الائنس ٺاهي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو شيڊول جاري ڪيو جنهن ۾ 14 ڏينهن او پي ڊي بند ڪيون ويون ۽ 15 ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب تي ڌرڻو لڳايو ويو جتي منسٽر بلديات سيد ناصر شاه منسٽر ايجوڪيشن سعيد غني سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي صاحب اڳواڻن کي گهرائي ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ سڀ مطالبا تسليم ڪيا ويا جن ۾ 1 رسڪ الاٶنس 2 پئراميڊيڪل جو سروس اسٽڪچر /ٽائم اسڪيل 3 رهيل %30 فيصد هيلٿ پروفيشنل الاٶنس ۽ فنانس جو نڪتل ريڪوري ليٽر ڪينسل ڪرڻ جو وعدو ڪيو جنهن تي احتجاج مٶخر ڪيو ويو جنهن بعد صرف سنڌ گورنمينٽ سمورين مسئلن مان صرف رسڪ الاٶنس مارچ کان ڏيڻ بجاء جولاء کان ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جيڪو ٽن مهينن کان پوء ڪورونا تيزيء سان وڌي رهي آھي ۽ الاٶنس بند ڪيو ويو جنهن خلاف 12/10/2020 تي گرينڊ ھيلٿ الائنس سنڌ گورنمينٽ جي اهڙي عمل خلاف سڄي سنڌ۾ تاريخ 13/10/2020 کان سڃي سنڌ ۾ او پي ڊي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو جنهن شيڊول مطابق سجاول ضلعي جي اسپتال ۾   مڪمل او پي ڊي بند ڪري اسپتالن جي مين گيٽن تي ڌرڻا هڻي مطالبو ڪيو تہ سنڌ گورنمينٽ جلد مطالبا تسليم ڪري ان موقعي تي  منظور خواجه،ڊاڪٽرمحمد علي ميمڻ،فداحسين لغاري،شوڪت ڪميمڻ،سعيد عمراڻي ۽ ٻين مطالبو ڪيو تہ سنڌ گورنمينٽ گرينڊ ھيلٿ الائنس جي ڏنل مسئلن کي فورن حل ڪري نت ٻئي صورت ۾ 19/10/2020تي ڪراچي پريس ڪلب تي ڌرڻو هنيو ويندو جتان وزيراعلي  هاٶس جو رخ ڪيو ويندو جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ اسان خلاف ڪا ڪاروائي ڪئي تہ ان جي ذميوار هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ گورنمينٽ ھوندي.

Read Previous

سجاول: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس ٽي پي طرفان سجاول ۾ شٽر بند هڙتال

Read Next

پ پ يوٿ ونگ پاران 18 آڪٽوبر تي ڪارسازسانحي ۾ شهيدٿيل ڪارڪنن جي ياد ۾ رٿيل جلسي جي تياريون مڪمل

Most Popular