قاضي احمد لڳ ڳوٺ پير نالي وڏو جي رهواسين قادر پنھنجي ڀيڻيوي محرم مڱڻھار سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي

 قاضي احمد) رپورٽ علي نواز جتوئي ( قاضي احمد لڳ ڳوٺ پير نالي وڏو جي رهواسين قادر بخش ولد خدابخش ڀٽ پنھنجي ڀيڻيوي محرم مڱڻھار سان گڏجي پريس ڪلب قاضي احمد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ کان 23 سال اڳ منهنجي پيء مڱڻهار برادري جي حاڪم مڱڻھار سان بدي جي مٽي ڪئي جنهن ۾ اسان پنهنجي ڀيڻ شمشاد عرف مڊم جو سڱ سندس ننڍي محرم مڱڻھار کي ڏنو ء عيوضي ۾ حاڪم مڱڻھار پنھنجي ڀاء ڀورو مڱڻھار جي ڌيءَ مڊم مڱڻھار جو نڪاح منھنجي ڀاءُ علي حسن ڀٽ سان ڪرايو جنهن بعد اسان پنهنجي ڀيڻ شمشاد عرف مڊم کي محرم مڱڻھار سان پرڻائي ڏئي ڇڏي جڏهن ته حاڪم مڱڻھار پنھنجي ڀائٽي پرڻائي ڏيڻ کان لنوائيندو رهيو ء ڪجھ ڏينھن بعد حاڪم مڱڻھار پنھنجي ڀاء ڀورو مڱڻھار کي پيسا ڏئي ڳوٺ نواب چانڊيو مان لڏائي پنجاب موڪلي ڇڏيو ء اسان کي چوڻ لڳو ته منهنجو ڀاءُ ڀورو مڱڻھار پنھنجي ڌي مڊم کي وٺي راتو رات ڪاڏي ٽپڙ کڻي هليو ويو آهي، جنهن کانپوءِ اسان مسلسل ڀورو مڱڻھار ء پنھنجي ڀاڄائي مڊم جي ڳولا ڪندا رهياسين مگر ڪوبه ڏس پتو نه پئي پيو، نيٺ هاڻ ڪجھ مھينا اڳ خبر ملي ته ڀورو مڱڻھار پنجاب مان واپس لڏي آيو آهي پر ان وچم حاڪم ء ڀوري مڱڻھار جن منھنجي ڀاڄائي سان پنھنجي ڀاڻيجي علي محمد عرف ملو جو نڪاح مٿان نڪاح ڪرائي ڇڏيو هو جنهن مان کين ٽي چار ٻار پڻ آهن. اهڙي خبر ملڻ کانپوءِ اسان حاڪم کان پنھنجو حق گھريو ته هن اسان کي حساب ڪتاب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ء چيو ته توهان اسان کان ڪجھ ڪونه لهڻو جنهن کي دانهن ڏيڻي اٿو وڃي ڏيو جنهن کانپوءِ اسان مجبور ٿي پريس ڪانفرنس ڪندي وس وارن آئي جي سنڌ، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد، ڊي ايس پي ء ايس ايڇ او قاضي احمد سميت علائقي جي معززين کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

پ پ يوٿ ونگ پاران 18 آڪٽوبر تي ڪارسازسانحي ۾ شهيدٿيل ڪارڪنن جي ياد ۾ رٿيل جلسي جي تياريون مڪمل

Read Next

ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ايريگيشن متحده فيڊريشن سنڌ طرفان مطالبن جي مڃتا لاء سوين ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

Most Popular