مٽياري جي نوجوان صحافي علي فيضان خاصخيلي جو چاچو شبير احمد (ابو) خاصخيلي ڪافي وقت کان بيمار رهڻ بعد 52 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو

مٽياري : مٽياري جي نوجوان صحافي  علي فيضان خاصخيلي جو چاچو شبير احمد (ابو) خاصخيلي ڪافي وقت کان بيمار رهڻ بعد 52 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي نماز سندس اباڻي قبرستان سيد شهمير ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ مٽياري جي سياسي سماجي، صحافين ۽ سول سوسائٽي پڻ وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي مرحوم کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته مرحوم جي ڀائيٽي صحافي علي فيضان خاصخيلي سميت سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري تعزيت ڪندڙ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير، اڳوڻي ايم پي اي جي ڊي اي اڳواڻ سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ، مٽياري ٽائون ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين سيد سڪندر علي شاهه، زوار فقير حسين علي جعفري، پ پ اڳواڻ سيد جاني شاھ حسيني، سيد علي عادل شاہ، سيد جواد شاہ حسیني، پ پ اڳواڻ حاجي پرويز ميمڻ، حاجي نثار احمد ميمڻ، سيد سلمان رضا شاہ، حاجي نبيل ميمڻ، قاضي شعيب الدين، حاجي محفوظ جماڻي، حاجي عرفان علي ميمڻ کيبير پريس ڪلب سٿ، صحافين جي ايم بابو خاصخيلي، رياض چانڊيو، ضمير خاصخيلي، بابو محمود خاصخيلي، عبدالغفور ملاح، ذوالفقار ميمڻ، وڪيل ميمڻ، گلشير انڙ، اسداللہ ميمڻ، شريف وگهيو، عادل خشڪ، سماجي اڳواڻ نياز سوهو، شيعا علماء ڪائونسل تعلقه مٽياري جي صدر زوار طالب حسين منتظري،۽ ٻين وڏي انگ ۾ پهچي تعزيت ڪئي جڏهن ته تعزيت جو سلسلو جاري آهي

Read Previous

خيرپور: سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن جي سڏ تي آبپاشي کاتي جي ملازمن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ايريگيشن آفيس کان ريلي ڪڍي وئي

Read Next

باڊھه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ مٿان وفاق جي قبضي خلاف شٽربند ھڙتال ڪئي وئي

Most Popular