تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيوهڻ عبدالستار ميمڻ پاران مختلف اسڪولن جا اوچتا دورا،

سيوهڻ شريف رپورٽ (محمد حنيف شاهاڻي)  تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيوهڻ عبدالستار ميمڻ پاران مختلف اسڪولن جا اوچتا دورا، تدريسي عمل ۽ ايس او پيز جو جائزو ورتو، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري (ميل) سيوهڻ عبدالستار ميمڻ طرفان لوئر سيڪنڊري اسڪول سيد مراد علي شاهه، هاءِ اسڪول بوبڪ، مڊل اسڪول عالم جيهيجو، مڊل اسڪول پڪا چنا ۽ ٻين اسڪولن جا اوچتا دورا ڪيا ويا، جنهن دوران ٽي اِي او تدريسي عمل توڙي ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ورتو، ٽي اي او عبدالستار ميمڻ اسڪولن جي عملي جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ ڪلاسن جا دورا ڪري شاگردن کان تدريسي ۽ انتظامي ڏکيائين بابت پڇا ڪئي، ٽي اي او عبدالستار ميمڻ استادن ۽ شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي، ٻارن جي صحت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪورونا لاڪ ڊائون سبب ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي آهي، استاد مقرر تعليمي ڪورس وقت اندر اثرائتي نموني مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، شاگردن کي بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، هن چيو ته استاد ايمانداري سان ڊيوٽي ڪن، گوسڙو استادن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي، ٽي اِي او عبدالستار ميمڻ پاران ٻارڙن کي ڪورونا متعلق جاڳرتا ڏني وئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان ايس او پيز متعلق ڇپرايل ”آگاهي ڪتاب“ ۽ پمفليٽ پڻ ورهايا ويا، ان موقعي تي لوئر سيڪنڊري اسڪول سيد مراد علي شاهه جو هيڊ ماستر سيد لال بخش شاهه ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

Read Previous

ترڪ صدر طيب اردوان آذربائيجان ۽ آرمينيا جو تڪرار حل ڪرائڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا

Read Next

قاضي احمد لڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ 9 مھينا اڳ مبينا طور رات جي اونداهي ۾ پورهيت اقبال جتوئي جي گھر کي باھ ڏئي

Most Popular