ڳڙھي خيرو:هر محاذ تي اسان طلباء جي حقوق جي جنگ وڙھي آ ۽ هاڻي به صف اول جو ڪردار ادا ڪنداسين: هدايت الله پيرزادو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) هر محاذ تي اسان طلباء جي حقوق جي جنگ وڙھي آ ۽ هاڻي به صف اول جو ڪردار ادا ڪنداسين.هدايت الله پيرزادو تفصيل موجب جمعيت طلباء السلام جي مرڪزي اليڪشن پشاور ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ٽن سالن لاء صدر هدايت الله پيرزادو ۽ جنرل سيڪريٽري آصف الله مڙوت منتخب ٿيا. ان موقعي تي جي ٽي آء ضلعي جيڪب آباد جي جنرل سيڪريٽري غلام مرتضي حيدري, تعلقه ڳڙھي خيرو جي جنرل سيڪريٽري محڪم الدين بروهي ۽ غلام ياسين گهوٽو وفد سان گڏ نئين منتخب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي مبارڪباد ڏيندي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو ڏنو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسين پوري ملڪ پاڪستان جي اسڪول ۽ مدرسن جي طلباء جي بلاتفريق نمائندگي ڪنداسين انهن وڌيڪ چيو ته اسان اڳي به طلباء جي حقوق جي جنگ وڙھي آ هاڻي به شاگردن جي حقوق جي جنگ صف اول ۾ وڙھڻ جو ڪردار ادا ڪنداسين.

Read Previous

سکر: وزير اعظم پاڪستان عمران جي اڻ ٿڪ محنت جي نتيجي ۾ ملڪ خساري مان نڪري چڪو آھي : قاسم خان سوري

Read Next

نوشهروفيروز:سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊليوري لاءِ آيل عورت علاج نه ٿيڻ ڪري ٻار سميت تڙپي تڙپي فوت

Most Popular