سانگهڙ ۾ 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سانگهڙ  (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) سانگهڙ ۾ 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڄي ضلعي ۾ سمورين سرڪاري توڙي خانگي عمارتن. مسجدن ۽ گهرن  تي چراغان پڻ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ اڄ هڪ اهم گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿئي گذري جنهن ۾ ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن. ضلعي جي سمورن عملدارن. مذهبي تنظيمن سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته ربيع الاول جي ڀلاري مهيني دوران سڄي ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويندا. جڏهن ته سمورين شهرن ۾ صفائي سٿرائي جا پڻ جوڳا اپاء ورتا ويندا. ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر  ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا چيو ته ربيع الاول جي ڀلاري مهيني جي موقعي تي سمورن ريلين ۽ ميلاد جي محلفن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي ان سلسلي ۾ پنهنجا سمورا انتظام اڳواٽ ئي مڪمل ڪري وٺن. جڏهن ته سول اسپتال سانگهڙ سميت ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي  موجود رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. هن صحت عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي اسپتالن ۾ گهربل دوائون ۽ ايمبولينس جي دستيابي کي پڻ يقيني بڻائن.

Read Previous

سکر: اڳوڻي وزيراعلي سنڌ سيد غوث علي شاه پنهنجي پٽن ۽ پوٽن جي ملڪيت تي پوليس ساڻ ڪري قبضو ڪرائي رهيو آھي

Read Next

نوابشاهه :قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف اڄ ٻئين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي

Most Popular