ڪورونا سبب وڌيڪ ست ڄڻا فوت، ڇهه سئو اڻهٺ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿيا آهن جڏهن ته 659 نوان ڪيس رپورت ٿيا آهن. نيشنل اينڊ ڪمانڊ آپريشن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 659 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، پوري ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 3 لک 21 هزار 877 تائين تائين پهچي ويو آهي. ڪورونا وائرس جي ڪري وڌيڪ 07 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 6 هزار 621 ٿي ويو، ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 279 ۽ سنڌ ۾ 2 هزار 568 فوتگيون ٿي چڪيون آهن، اسلام آباد ۾ 193، بلوچستان ۾ 146، گلگت بلتستان ۾ 90 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 80 فوت ٿيا آهن.

Read Previous

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

Read Next

وزيراعظم پاڪستان ۾ دل جي اسٽنٽس تياري جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Most Popular