وزيراعظم پاڪستان ۾ دل جي اسٽنٽس تياري جو افتتاح ڪري ڇڏيو

عمران خان

اسلام آباد: ازيراعظم عمران خان نيشنل يونيويرسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي (نسٽ) سائنس پارڪ ۾ ڪارڊيڪ اسٽنٽ جي تياري جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم نسٽ ۾ ڪارڊيڪ اسٽنٽس جي پروڊڪشن يونٽ جو افتتاح ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسٽنٽ تيار ڪندڙ دنيا جي 18 ملڪن ۾ شامل ٿي ويو ۽ مسلم دنيا جو ٻيون ملڪ بڻجي ويو، اسلامي دنيا ۾ ترڪي کانپوءِ پاڪستان کي اهو اعزاز حاصل ٿيو. مقامي طور تي اسٽنٽ تيار ٿيڻ سان ملڪ ۾ دل جي مريضن لاءِ معياري ۽ سستو حاصل ٿي سگهندو. فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته ميڊيڪل ٽيڪنالوجي ۾ پاڪستان جو هڪ ٻيو وڏو قدم، وزيراعظم عمران خان نسٽ سائنس پارڪ ۾ دل جي اسٽنٽ جي مينو فيڪچرنگ جو افتتاح ڪيو، هي اسٽنٽس يورپي معيار جا آهن، ان سهولت جي نتيجي ۾ پاڪستان دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪو اسٽنٽس تيار ڪندڙ ميڊيڪل ٽيڪنالوجي جي صلاحيت رکي ٿو.

Read Previous

ڪورونا سبب وڌيڪ ست ڄڻا فوت، ڇهه سئو اڻهٺ نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

سليڪٽڊ وزيراعظم جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي:بلاول ڀٽو

Most Popular