نوابشاهه جي خانگي تعليمي اداري ايمس سوليوشن شھيد بينظير آباد ۾ ھڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) نوابشاهه جي خانگي تعليمي اداري ايمس سوليوشن شھيد بينظير آباد ۾ ھڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن کي اداري سربراهه شفيق احمد پھنور، نياز احمد اڄڻ، نجم الدين ٻڌ ۽ ٻين شاگردن کي روزگار ڪرڻ جي حوالي سان پنھنجو مستقبل ڪئين ٺاھجي جي موضوع تي ليڪچر ڏنو، انھيءَ موقعي تي اسپيڪرن خطاب ڪندي چيو ته ھن وقت اسان جي نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو، ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ پوندو ۽ اھو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏھن اسان جا نوجوان شاگرد محنت ڪن ۽ اسان جو به مقصد به اهو ئي آھي ته اسان نوجوانن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪيون ۽ انھن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فرآھم ڪيو ته جئين ھو پنھنجو پيرن تي بيھي پنھنجي ڪاروبار ڪري سگھن، انھي موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي

Read Next

بھراڙي جي عورت تمام سادي زندگي گذارڻ سبب ۽ تعليم نه ھجڻ سبب پنھنجي بنيادي حقن کان محروم آھي : اياز لطيف پليجو

Most Popular