راڻيپور: رورل ھيلٿ سينٽر ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊيڪل جي عملي پاران مطالبن جي خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ احتجاج علامتي بک هڙتال

راڻيپور (رپورٽر ) سڄي سنڌ جيان راڻيپور ۾ به رورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور جي ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊڪل جي عملي پاران ڪرونا هيلٿ رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف چوٿين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ احتجاج علامتي بک هڙتال جاري مريض پريشان تفصيل موجب  سڄي سنڌ جيان راڻيپور ۾ به رورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور جي ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊيڪل جي عملي پاران ڪرونا هيلٿ رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف چوٿين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي احتجاج ۾ پيراميڊيڪل جو صوبائي چيئرمين اعجاز ڪاڪيپوٽو  راهب ٻانڀڻ ڪئمپ تي پهچي حمايت ڪئي ان موقعي تي پيراميڊيڪل صوبائي چيئرمين اعجاز ڪاڪيپوٽو گمس جي صدر راهب ٻانڀڻ  نوشھروفيروز جي صدر ظھور سهتو راڻيپور پيراميڊيڪل جي صدر اصغر ملاح ڊاڪٽر محسن مڱريو ڊاڪٽر رابيل سوڍڙو انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو هيلٿ رسڪ الائونس ڪجھ وقت ڏئي ڪري وري بند ڪيو ويو آھي ملڪ جي ٽنهي صوبن ۾ رسڪ الائونس ڏنو ٿو وڃي جڏهن ته ٻاهرين ملڪن کان ڪرونا وائرس جي مريض لاء پنجويھ لک ورتا ٿا وڃن پر اسان کي پندرنهن هزار رسڪ الائونس ڏئي ڪري بند ڪيو ويو آھي جيڪڏهن ڪرونا وائرس ختم ٿي وئي آھي ته اسان جو به رسڪ الائونس بند ڪيو وڃي هننن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي  ٽنھي صوبن ۾رسڪ الائونس ڏنو پيو وڃي صرف سنڌ کي الائونس کان محروم رکيو پيو وڃي سنڌ ۾ ڪرونا جون ٽيسٽون ٿي رھيون آھن ۔مريض به ظاھر ٿي رھيا آھن پوء به کين رسڪ الائونس نه پيو ڏنو وڃي۔ ھنن چتاء ڏيندي چيوته کين رسڪ الائونس نه ڏنو ويو ته پوء ڪراچي پريس ڪلب آڏو سڄي سنڌ جا ڊاڪٽر پيراميڊيڪل اسٽاپ نرسن سان گڏجي ڌرڻو هڻنداسين   ۽مطالبن جي مڃتا تائين نه احتجاج جاري رهندو

Read Previous

ٽنڊو الهيار: مولانا عادل خان جي شهادت تي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال

Read Next

راڻيپور : ٽائون جي حاضر ۽ رٽائرڊ سروس ملازمن کي ٻن مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف علامتي بک هڙتال

Most Popular