ڳڙھي خيرو : 18 آڪٽوبر جو جلسو نااهل حڪومت جي تڏا ويڙھ ڪندو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) 18 آڪٽوبر جو جلسو نااهل حڪومت جي تڏا ويڙھ ڪندو.اسدالله حيدري13 نومبر تي عشق رسول صله و دفاع صحابه رضه ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان خبر موجب جمعيت علماء اسلام ٽائون ڳڙھي خيرو جي مجلس شوري جو اجلاس مدسه باب الهدي ۾ ٿي گذريو جلاس کي تعلقه جي سرپرست اعلي مولانا خالقداد بروهي, تعلقه امير مولانا سليم الله بروهي, ٽائون امير اسدالله حيدري, جنرل سيڪريٽري جان محمد جمالي, خزانچي ديدار علي لانگاه ۽ پريس ترجمان عرفان علي لهر خطاب ڪندي چيو ته 18 آڪٽوبر تي جناح باغ ۾ ٿيندڙ جلسو موجوده نااهل حڪومت جي تڏا ويڙھ ثابت ٿيندي, انهن وڌيڪ چيو ته هاڻي PDM جي زير اهتمام رٿيل تمام جلسه حڪومت لاء خاتمي جو سبب ٿيندا جو ته قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته انشاءالله موجوده نااهل عوام دشمن حڪومت کي ڊسمبر جو مهينو ڏسڻ به نصيب نه ٿيندو ۽ قائد جمعيت بلدياتي اليڪشن جي تيارين کان به روڪي ڇڏيو آھي انشاءالله اسان به رب مان اها اميد رکون ٿا هن ناجائز حڪومت جا اهي آخري ڏينهن آھن جنهن مهنگائي ڪري غريب عوام کي پنائي ڇڏيو آھي, اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 13 نومبر تي گلشن شهيد اسلام جامع مسجد شيراز ڳڙھي خيرو ۾ عشق رسول صله و دفاع صحابه رضه ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويندو جنهن ۾ جانشين شهيد اسلام مولانا ناصر خالد محمود سومرو, تصوير شهيد اسلام مولانا طارق خالد محمود سومرو ۽ الحاج امدادالله ڦلپوٽي سمت سنڌ جا نامور علماء نعت خوان شرڪت ڪندا.

Read Previous

راڻيپور : ٽائون جي حاضر ۽ رٽائرڊ سروس ملازمن کي ٻن مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف علامتي بک هڙتال

Read Next

باڊھ 14 سال گذرڻ باوجود باڊھ شھر کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو، شهرين پاران احتجاج

Most Popular