گرينڊ هيلٿ الائنس پاران رسڪ الائينس بند ڪرڻ خلاف تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ڪم ڇڏ هڙتال

مورو  (محمد انيس ڪلھوڙو)مورو ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس پاران رسڪ الائينس بند ڪرڻ خلاف تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مڪمل اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي علامتي بک ھڙتال ڪئي جنھن سبب مختلف شھرن توڙي ڳوٺن کان ايندڙ مريض ء سمدس وارث علاج لاءِ ڊاڪٽرن ء عملي کي منٿون ڪندا رھيا پر سندس علاج جي سھولت نہ ڏني ء اھي بغير علاج واپس ٿي ويا ھوڏانھن احتجاج جي اڳواڻي خادم حسين مستوئي، محمد يونس وسڻ، آئشا پيرزادو، بابرہ چانڊيو، نجمہ رند، عابدہ، محمد شريف ڪوريجو، ڊاڪٽر معشوق چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالحميد ڪوريجو، عاشق ڀٽي، اختيار علي ڏھر، ڀائي خان، ارشد ميمڻ، مقصود آرائين، اسلم ڏاھري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي هنن چيو ته سنڌ حڪومت صحت کاتي اسان جي احتجاج کانپوءِ اسان کي ٽي مھينا رسڪ الائونس ڏنو ء بعد م بند ڪري ڇڏيو جيڪو عمل غير قانوني آھي ء اهو عمل برداشت نه ڪنداسين هنن چيو ته ڪورونا سميت مختلف ڏکين حالتن م اسان پهرين مورچي تي جنگ وڙھون پيا ۽ ڊاڪٽر توڙي عملو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو آهي پر ان جي باوجود اسان جو رسڪ الائونس بند ڪيو ويو آهي ان کان علاوہ اسان جا ٻيا بہ مطالبا آھن جيڪي پڻ نہ ٿا مڃيا وڃن هنن چيو ته جيستائين رسڪ الائونس سميت ٻيا مطالبا قبول نہ ٿا ڪيا وڃن تيستائين مختلف مرحلن ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

باڊھ 14 سال گذرڻ باوجود باڊھ شھر کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو، شهرين پاران احتجاج

Read Next

ميهڙ شھر واسي واپڊا ملازم ۽ يوٿ يونائيٽيڊ الائينس جي صحافين اڳيان دانهيندي

Most Popular