ملڪ جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ صدف جي گهر ٽئين ٻارڙي جي پيدائش

لاهور: پاڪستان جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ صدف جي گهر ٽئين ٻارڙي جي پيدائش ٿي آهي. پاڪستان جي پرڪشش اداڪار فواد خان ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي اهوئي نه پر سرحد پار کان به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. جنهن سبب  بالي ووڊ جا سمورا فلمساز ۽ هدايتڪار فواد خان سان گڏ ڪم ڪرڻ  جي خواهش  ظاهر ڪري چڪا هئا پر بدقسمتي سان هندو انتهاپسندن  جي دٻاءُ سبب ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن جي ڪم ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. گذريل  ڏينهن به ميڊيا تي خبرون هلي رهيون هيون ته اداڪار فواد خان ۽ ان جي گهر واري صدف جي گهر ٽئين ٻارڙي جي پيدائش ٿي آهي ۽ صدف  ٻئين ڌيءَ کي   جنم ڏنو آهي پر ان حوالي سان هن اڃان تائين پاڻ ڪنهن سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي باقاعدگي سان اعلان ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن قسم جي ڪا تصوير سامهون آئي آهي البته ان جي مداحن طرفان هلايل  سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي مبارڪباد جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان جي مشهور اداڪار عدنان صديقي به ٽوئٽر تي فواد خان ۽ صدف کي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏوگڏ معصوم پري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.  واضح رهي ته فواد خان پنهنجي دوست صدف سان 2005 ۾ شادي ڪئي هئي جنهن مان ان جا 2 ٻار آهن. پٽ جو نالو ايان ۽ ڌيءَ جو نالو ايلائنا آهي هاڻ ان وٽ ٽئين ٻارڙي جي پيدائش ٿي آهي جنهن جو نالو اڃان تائين ناهي رکيو ويو.

Read Previous

پاڪستان جا اڳوڻا رانديگر انگلينڊ جي رانديگرن جو استقبال ڪرڻ لاءِ بيچين

Read Next

مولانا فضل الرحمان جي آصف علي زرداري سان ملاقات

Most Popular