ڇا هانيه عامر سرجري ڪرائي ڇڏي آهي؟

لاهور: پاڪستاني اداڪاره هانيه عامر ٻڌايو آهي ته جديد دور ۾ فلٽر جو ڪمال ڪجهه به ڏيکاري سگهي ٿو.  هانيه پنهنجي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ مداحن جي غلط فهمي ختم ڪندي چيو آهي ته مون پنهنجي چپن جي سرجري ناهي ڪرائي.  ميڊيا رپورٽ موجب انسٽاگرام تي هانيه اسٽوري ۾ پنهنجي وڊيو شيئر ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن  کان مون کي تنقيد جو نشانو بنايو پئي ويو ته مون چپن جي سرجري ڪرائي آهي.  هانيه عامر چيو ته سچ ته اهو آهي ته مون ڪنهن به قسم جي ڪابه سرجري ناهي ڪرائي پر مان انسٽاگرام جو هڪ فلٽر استعمال ڪندي آهي جنهن جي ڪري منهنجي چپن جي بناوٽ عجيب لڳندي آهي.

Read Previous

والاريل ڪشمير جي سياسي پارٽين دلي سرڪار خلاف نئون اتحاد جوڙي ڇڏيو

Read Next

انصاف ڏياريندڙ قانون ۽ قبضا مافيا ۾ فرق هجڻ گهرجي

Most Popular