سچل سرمست انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ڪاليج ۾ شاگردن جو ڪاليج جي گيٽ اڳيان انتظاميا خلاف احتجاج، ڌرڻو، سخت نعريبازي

خيرپور (ڊر) سچل سرمست انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ڪاليج ۾ پڙهندڙ سيڪنڊ ييئر جي شاگردن جو ڪاليج جي گيٽ اڳيان انتظاميا خلاف احتجاج، ڌرڻو، سخت نعريبازي، سوين شاگردن جو مستقبل داع تي لڳل آهي، انتظاميا خلاف نوٽيس وٺي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي، شاگردن جون دانهون، خبر موجب سچل سرمست انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ڪاليج خيرپو جي شاگردن احسن مهيسر، سرمد سومرو، شهزاد احمد، ذيشان علي، نوشاد عباسي، ذولقرنين، عبدالباسط، ڪنور ٺاڪر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاليج ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڪاليج انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي شاگردن اخبار وارن کي ٻڌايو ته گذريل سال کان هن اداري ۾ نرسنگ جرنل ڊپلومه ڪري رهيا آهيون، هنن ٻڌايو ته سچل سرمست نرسنگ ڪاليج جي چيئرمين ڊاڪٽر علي اصغر جوڳي، پرنسپل اسحاق سولنگي، رحيم منڱريو، عرفان مغل ملي ڀڳت ڪري اسان کان لکين روپيا فيسون وٺي ڦُري تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اسان جي گذريل سال جو زرلٽ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو اٿن، جڏهن ته 18 آڪٽوبر تي ٻين سڀني نرسنگ ڪاليجن جا ساليانا رزلٽ آئوٽ ٿي ويا آهن. هنن ٻڌايو ته سچل سرميت نرسنگ ڪاليج ۾ قانون موجب 50 شاگردن جي تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪوٽا آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر علي اصغر جوڳي 130 کان وڌيڪ شاگرد داخل ڪري ڇڏيا آهن شاگردن ٻڌايو ته اسان ڪراچي هيڊ آفيس سان پڻ رابطو ڪيو آهي، جن ٻڌايو ته سچل سرمست ڪاليج خيرپور جو رزلٽ ۽ ڊيٽا اسان کي ملي ئي ناهي، هنن چيو ته ڊاڪٽر اصغر جوڳي جي غير قانوني ڪم سبب اسان جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، شاگردن صحت ۽ تعليم جي صوبائي وزيرن کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جو نوٽيس وٺي سچل سرمست نرسنگ ڪاليج جي رجسٽريشن رد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، جيڪو انصاف ملڻ تائين جاري رهندو.

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن ريٽائرڊ بلال شاهد رائو جي صدارت هيٺ عيد ميلاد النبي ﷺ کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ انتظامن بابت اجلاس ٿيو

Read Next

سکر ڀرسان ٻٻرلوء پرائمري اسڪول الھڏنو شيخ جي بلڊنگ جا تالا کلي نه سگھيا

Most Popular