ڪراچي جي شيرين جناح ڪالوني ۾ ڌماڪو، پنج ڄڻا زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي شيرين جناح ڪالوني ۾ سائيڪل ۾ نصب ٿيل بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. سينئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ڏکڻ شيراز نذير موجب شرين جناح ڪالوني ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو بس کان ٻاهر ٿيو آهي ۽ شروعاتي جاچ موجب بم سائيڪل ۾ نصب هو. هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ هڪ ڪلوگرام ڌماڪي وارو مواد استعمال ڪيو ويو، ڌماڪي ۾ بال بيئرنگ به استعمال ڪيا ويا ۽ ائين لڳي ٿو ته اهو ديسي بم رموٽ ڪنٽرول يا ٽائمر ڊيوائيس هو. ايس ايس پي موجب ڌماڪي وارو مواد ڪريانه جي دڪان يا بس اسٽاپ تي رکيو ويو هو. هن جو چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ زخمين ۾ هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.  هن ٻڌايو ته ڌماڪي جو هدف ڇا هو ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

صفدر جي گرفتاري خلاف سنڌ حڪومت جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

قائداعظم جي مزار تي نعريبازي: شوبز جي فنڪارن پاران صفدر مٿان سخت تنقيد

Most Popular