سکر: صالح پٽ جو جنگلي جيوت کاتو نه ته وڻ بچائي سگهيو نه ئي ناياب نسل جا پکي پرند

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) صالح پٽ جو جنگلي جيوت کاتو نه ته وڻ بچائي سگهيو نه ئي ناياب نسل جا پکي پرند, وائلڊ لائف کاتي جي ملي ڀڳت سان ناياب نسل جي ٻاٽيرن جي شڪار لاء هر طرف ڄار وڇائجي ويا,سڄي رات ايم پي ٿري جي سرڙاٽن علائقي واسين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيو خبر موجب صالح پٽ ۾ جنگلي جيوت کي محفوظ ڪرڻ لاء مقرر ڪيل عملي جي ملي ڀڳت سبب سالن کان ناياب نسل جا وڻ ڪٽيا پيا وڃن ۽ پکي پرند ماريا پيا وڃن علائقي جي سماجي ڌرين آواز اٿاريندي چيو آهي ته صالح پٽ ۾ مقرر ڪيل وائلڊ لائف کاتي جو عملو ڊيوٽيون سر انجام ڏيڻ بجاء ماحول دشمنن جو سهولتڪار بڻيو ويٺو آهي جن جي ملي ڀڳت سان گذريل ڪئي سالن کان رات جي پيٽ ۾ ڪنڊي, کبڙ, لئي ۽ ٻين ناياب وڻن جي واڍي جو ڪاروبار هلندو اچي ٿو جڏهن ته هن وقت ووئڻن جي فصلن ۾ جيئن ئي ناياب نسل جو پکي  ٻاٽيرو پهتو آهي ته شڪارين انتظاميه کي لالچ ڏئي ايڪڙن ۾ پنهنجا ڄار وڇائي ڇڏيا آهن ۽ سڄي رات ٻاٽيرن جي آواز جي ايم پي ٿري جو رينگٽ هلائي علائقي واسين جون ننڊون حرام ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ سون جي تعداد ۾ ٻاٽيرن جو شڪار ڪيو پيو وڃي سماجي اڳواڻن وائلڊ لائف وارن جي نااهلي بابت وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عملي جي لاپرواهي سبب هڪ واڳون 8 ساله نينگري کي کائي ويو هو جنهن لاء هن وقت تائين هنن ڪوبه عملي قدم ناهي کنيو جنهن سان ٻين انسانن توڙي جانورن جون حياتيون خطري ۾ آهن جنهنڪري اعلا اختياريون صالح پٽ ۾ جنگلي جيوت جي بچاء لاء مقرر ڪيل  نالائق عملدارن جو جلد نوٽيس وٺي ۽ کين نوڪرين تان هٽائي اهل آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ جنگلي جيوت توڙي وڻن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو  وڌايو ويندو.

Read Previous

سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي اينٽي انڪروجمينٽ فورس حدد دخليون خلاف ڪارواءي تيز ڪري ڇڏي

Read Next

سکر: يوسي18سکر۾ صفائي جو نظام ناڪام ٿي چڪوآھي جڳھ جڳھ تي گندگي جا ڍير لڳل آھن

Most Popular