ڪوئٽيا، ڪراچي روڊ تي مسافر ڪوچ کي باهه لڳي وئي، پنج ڄڻا اجل جو شڪار

خضدار: بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڪوئٽا، ڪراچي روڊ تي ڪوچ کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 چڻا اجل جو شڪار ٿي پيا. ليويز جي عهديدار موجب خضدار جي تعلقي وڍ جي علائقي ڪراڙو جي جاءِ تي ڪراچي کان ڪوئٽا ويندڙ مسافر ڪوچ کي اوچتو باهه لڳي وئي ۽ باهه ڪوچ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته ڪوچ ۾ 13 ماڻهو سوار هئا، ڊرائيور پاران گاڏي کي جلد ئي روڪڻ باوجود باهه جي شدت سبب هڪ عورت، ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون اجل جو شڪار ٿي ويا. 

Read Previous

تڪرار حل ٿيڻ تائين ٻيٽن تي ترقياتي ڪم نه ٿيندو:اٽارني جنرل

Read Next

ڪراچي واقعي جي رپورٽ عوام جي سامهون اچڻ گهرجي:مريم نواز

Most Popular