راڌڻ : پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

رراڌڻ ( رپورٽ ) راڌڻ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ھڪ ڌر جو ھڪ ٻي ڌر جا 2 زخمي ۽ راڌڻ پوليس طرفان گرفتار ٿيل ھڪ ڌر جي وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف مظاهرو ڪيو راڌڻ پويس گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪري ڇڏيو خبر موجب راڌڻ ۾ مرحوم عبدالرزاق لاشاري جي وفات بعد سندس عزيزن درميان قيمتي پلاٽن ۽ دوڪانن جي مالڪي تان اامداد لاشاري ۽ شھاب الدين لاشاري درميان جھيڙو ٿي پيو جنھن دوران امداد لاشاري جو ھڪ ڄڻو ۽ شھاب الدين لاشاري ۽ سندس ملازم نويد لانگاھ زخمي ٿي پيا راڌڻ پوليس ٻنھين جي اين سي داخل ڪرڻ بعد شھاب الدين لاشاري ۽ سندس ملازم نويد لانگاھ کي گرفتار ڪيو بعد ۾ پوليس اعلاج لاء زخمي نويد کي ڇڏيو ته سندس والدھ ۽ ٻين عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ناڪي چوڪ تي راڌڻ پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس تي الزام ھنيو ته زخمي به اسان ٿيا آھيون ۽ پوليس مخالفن کان پيسا وٺي اسان کي گرفتار ڪيو آهي ظلم ٿي ويو قھر ٿي ويو جنھن بعد راڌڻ پوليس گرفتار ڪيل شھاب الدين لاشاري کي به آزاد ڪري ڇڏيو ھوڏاھن امداد لاشاري الزام ھنيو ته ملڪيت جون وارث مرحوم جون نياڻيون آهن شھاب الدين اسان تي اچي پاڻ حملو ڪيو ھيو جنهن خلاف اسان راڌڻ پوليس ۾ اين سي داخل ڪرائي آھي

Read Previous

جهاز ۾ دهشت گرد موجود آهي : مسافر

Read Next

عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي: حنيد لاکاڻي

Most Popular