شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ابوپوٽو سان يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر (ريٽائرڊ) ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سان يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر (ريٽائرڊ) ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ پنهنجي دور ۾ يونيورسٽي جي تدريسي، تحقيقي ۽ انتظامي ترقي بابت ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو کي ڄاڻ ڏني ۽ پنهنجي وسيع تجربي کان آگاھ ڪيو. ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو چيو ته ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ پنهنجي دور ۾ وائيس چانسلر طور بهترين تدريسي، تحقيقي ۽ انتظامي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس تجربي مان اسان کي فائدو ٿيندو. ملاقات دوران رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو پڻ موجود هو.

Read Previous

رٽائرڊ ڪلرڪ ۽ رٽائرڊ سپريٽنڊنٽ چيڪ صوبائي محتسب جي آفيسر حوالي ڪيو

Read Next

ڀرياسٽي ۾ مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڀنڀرا ھائوس تي قرآن خواني ۽ ورسي تقريب ٿي گذري

Most Popular