ڳوٺ پير نالي وڏو ۾ درگاھ حضرت پير سائين غلام مرتضيٰ شاھ تي جشن عيد ميلادالنبي صلي ﷲ عليه وسلم نهايت عقيدت و احترام سان ملهايو پيو

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي)  قاضي احمد لڳ ڳوٺ پير نالي وڏو ۾ درگاھ حضرت پير سائين غلام مرتضيٰ شاھ عرف پير نالي وڏو جيلاني رحمت الله عليه تي جشن عيد ميلادالنبي صلي ﷲ عليه وسلم نهايت عقيدت و احترام سان ملهايو پيو جنهن م اهل سنت والجماعت جي برک عالم دين علامه و مولانا حضرت غلام مصطفيٰ ٻگهيو جن روحاني خطاب ڪندي ڪائنات جي والي رحمت العالمين خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ تي ڳالھائيندي چيو ته نبي آخر زمان ٻنهي جهانن لاء رحمت العالمين بڻجي آيا سندن زندگي مبارڪ انسانذات لاء زندگي گذارڻ جو انمول طريقو هئا، هن وڌيڪ چيو ته محبوبن جي محبوب جي زندگي مبارڪ مڪمل دين اسلام جو نمونو هيو، پاڻ پنهنجي حسن اخلاق سان دنيا ۾ اسلام جو جھنڊو بلند ڪيو، تقريب ۾ سجاده نشين درگاھ حضرت جمال شاھ جيلاني رح سيد آصف علي شاھ جيلاني ء سندس ننڍن ڀائرن سيد شاهزيب علي شاھ عرف مٺل شاھ، سيد عمران علي شاھ جيلاني، سيد امير علي شاھ جيلاني کان علاوه سوين عاشقانه رسول صلعم جن شرڪت ڪئي.

Read Previous

ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق انهن تي قبضو نه ٿو ڪري سگهي، وفاقي حڪومت ٻيٽن بابت پاس ڪرايل غيرآئيني آرڊيننس فوري طور واپس وٺي: سيد مراد علي شاهه

Read Next

قاضي احمد علمدار چوڪ باء پاس تيز رفتار ڪار کي ڪراچي کان پنجاپ ويندڙ آئل ٽينڪر جو زوردار ٽڪر

Most Popular