مٽياري سنڌ خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿيندس، پيپلزپارٽي وارن جو ٻيٽن جي حوالي سان موقف چٽو نه آهي

مٽياري  : مٽياري سنڌ خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿيندس، پيپلزپارٽي وارن جو ٻيٽن جي حوالي سان موقف چٽو نه آهي، پيپلز پارٽي وارن هميشه عوام کي روٽي ڪپڙا مڪان جو آسرو ڏئي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي .. پي ٽي آئي اڳواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ تفصيل موجب هالا پراڻا ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراه حاجي عبدالرزاق ميمڻ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو آجياڻي واري تقریب ۾ سڄي سنڌ مان ميمڻ برادري جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جتي سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراه جو شاندار استقبال ڪيو ويو اجرڪن ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا ويا سنڌ ميمڻ اتحاد ضلعي مٽیاري جي اڳواڻ عبدالرحيم ميمڻ پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراه حاجي عبدالرزاق ميمڻ چيو ته وفاق کي ٻيٽن واري مسئلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ڇو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن انهن مٿان پهريون حق سنڌي ماڻهن جو آهي هن چيو ته مون پي ٽي آئي ۾ شموليت وقت ئي چيو هو ته سنڌ خلاف ڪنهن به قسم جي سازش ٿي ته آئون سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل هوندس سنڌ اسان جي امڙ آهي جنهن جو سودو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو هن چيو ته 15 سال اڳ سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ھالا پراڻا ۾ ئي ميمڻ جماعت جو بنياد وڌو هو اڄ پوري سنڌ ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي پليٽ فارم تان عوامي خدمت ڪري رهيا آهيون ان موقعي تي ارباب محمد دين ميمڻ، سجاد امداد ميمڻ، سردار اياز ميمڻ، عبدالشڪور ميمڻ، عاشق هالائي ميمڻ، عبدالرحيم ميمڻ، عبدالحمید ميمڻ، حسين ميمڻ، حاجي نبيل احمد ميمڻ، جنيد ميمڻ ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو جڏهن ته تقريب دوران هالا پراڻا مشهور شخصيت منظور احمد ميمڻ جي روح کي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري وئي

Read Previous

ڳوٺ طالب الدين سولنگي جي قديمي درگاهه بابا سائين سيد غفور شاهه جيلاني جي درگاهه جو قبرستان قبضا مافيا جي ور چڙي ويو

Read Next

مٽياري جي زير اھتمام 13 سالياني عظيم الشان ميلاد ڪانفرنس زير صدارت بشير احمد قادري جي مين روڊ مٽياري تي ملهائي ويئي

Most Popular