مٽياري جي زير اھتمام 13 سالياني عظيم الشان ميلاد ڪانفرنس زير صدارت بشير احمد قادري جي مين روڊ مٽياري تي ملهائي ويئي

مٽياري:  ميلاد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم آرگنائيزيشن مٽياري جي زير اھتمام 13 سالياني عظيم الشان ميلاد ڪانفرنس زير صدارت بشير احمد قادري جي مين روڊ مٽياري تي ملهائي ويئي. ڪانفرنس کي خصوصي خطاب ڪندي پير طريقت رھبر شريعت حضرت پير محمد ڪرم اللہ الاھي المعروف دلبر سائين جن فرمايو تہ اللہ پاڪ جو حڪم آھي تہ ان جي نعمتن جو چرچو ڪريو، اللہ جي نعمتن ۾ والدين، اولاد، مال دولت ۽ جيڪي بہ ديني دنياوي نعمتون آھن انهن سڀني ۾ ڪائنات جا سردار حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليه وسلم جن سڀني کان وڏي ۾ وڏي نعمت آھن جنھن جي صدقي دنيا جو ھر جلوو جلوہه گر آھي، سج چنڊ ستارن ۾ بہ ان جي نور جو صدقو آھي ۽ ان ڪري اھي روشن آھن. هن چيو ته محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم جي صدقي اڄ پوري ڪائنات ۾ انسانيت جو جذبو موجود آھي، ان پياري حبيب صلي الله عليه وسلم جو چرچو ڇو نہ ڪجي جنھن دنيا کي اونداھين مان ڪڍي روشنين ۾ آندو، جنھن جي ڪري انسان ھزارين ھٿرادو خدائن مان آزادي ماڻي ھڪ واحد رب جا عابد ٿي ويا. دلبر سائين چيو ته ان پياري محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم جو چرچو ڇو نہ ڪجي جنھن کي ڏسڻ وارا اصحاب ڪرام ٿي ويا، جن جو رتبو مالڪ دنيا جي سڀني ولين کان مٿي ڪري ڇڏيو آھي،  ان جي اصحابن ۽ آل جو چرچو ڪرڻ ئي اصل ايمان آھي، جنھن کي خدا محبوب رکيو، ان جي محبوب کي بہ محبوب رکيو ته اسان کي به انهن سان محبت ڪرڻ ۽ انهن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۾ ئي اسان جي ڀلائي آھي. ڪانفرنس ۾ تلاوت ڪلام پاڪ حافظ غلام نبي خاصخيلي ڪئي جڏهن ته مقامي نعت خوانن عبدالقادر بلالي، آصف علي ميمڻ، بابر رحمان سمون، آصف ميمڻ، بلال خاصخيلي، ڪاشف محبوب ميمڻ سميت ٻين نعت شريف پڙهيون. ڪانفرنس ۾ مولانا عبدالمالڪ عالماڻي، مولانا غلام ڪبريا سڪندري، مولانا سيد اسماعيل شاھ، مولوي علي اصغر ميمڻ، امجد علي قادري، حافظ عبدالجبار، عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا. درود و سلام دعا کانپوءِ ميلادي لنگر تقسيم ڪيو ويو.

Read Previous

مٽياري سنڌ خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿيندس، پيپلزپارٽي وارن جو ٻيٽن جي حوالي سان موقف چٽو نه آهي

Read Next

امام حسين عليه السلام جي چھلم جي موقعي تي مذھبي فسادپکيڙي خونريز جھيڙي ڪرائڻ واري سازش کي ناڪام بنائي مذھبي ڌرين کي پاڻ ۾ کيرکنڊ ڪرڻ

Most Popular