نه بڻيو همدرد ڪوئي نه ڪوئي مسيحا،اسان ڪئي موڪلاڻي ، اسان جي پڄاڻي

جلیل جروار

نوجوان سوشل ورڪر نثار ٻلهڙو ڪينسر جهڙي موضي مرض سان زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي جنگ وڙهندي هارائي ويو..!!
ٽي وي، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي مسلسل نثار ٻلهڙو جون خبرون هلنديون رهيون مگر افسوس جو ڪنهن کي ذرو به احساس پيدا نه ٿيو ۽ ڪنهن جي دل تي ڪا رهنڊ به نه آئي پر هي غريب ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا مالي وسائل نه هجڻ ۽ حڪومت جي بي ڌياني سبب انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هي نوجوان ڪينسر جهڙي موضي مرض سان زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي جنگ وڙهندي هارائي ويو..!!!!

نوجوان نثار ٻلهڙو هن سماج ۽ وسوارن ۽ انسان جي حقوق جي ڳالهه ڪندڙ ۽ وڏيون دعوائون ڪندڙن کي گهڻو ڪجهه چوڻ پي چاهيو مگر ڳالهائي نه سگهيو پر شايد سندس جي چپن تي اهي لفظ هوندا جيڪي ان زندگي جي ٻه واٽي تي سوچيا هوندا…………!

مان آهيان نثار ٻلهڙو…! جنهن هن ملڪ ۾ جنم ورتو،
خوشحالي جا خواب ڏٺا، ڪيئي حسرتون ۽ آسون ساڊيم،
سدائين پنهنجو پورهيو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو گذر سفر ڪندو رهيس

هن ملڪُ مونکي روزگار ته نه ڏنو جي ڪجهه ڏنو ته بي روزگاري ڏني احساس محرومي ڏني، بيگانگي ڏني، مسلسل محنت ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجو علاج به نه ڪرائي سگهيس………….!

ها مان آهيان نثار ٻلهڙو! منهنجون آسون منهنجون اميدون منهنجا خواب منهنجا احساس منهنجا جذبات منهنجا مقصد، منهنجي زندگي هن بيماري مونکان کسي ورتا ………..!

ها مان آهيان نثار ٻلهڙو.! جيڪو پنهنجي اداس اکڙين ، خاموش لبن سان خدا جي ان نيڪ ماڻهو جو رستو ڏسي رهيو هيم جيڪو منهنجو علاج ڪرائي ها………….!

پر افسوس جو حڪومت جي بي ڌياني پنهنجي پاسي پر انسان جي حقوق جون دعوائون ڪندڙ اين جي اوز ۽ فلاحي ادارا جيڪي غريب لاچار عوام جي نالي تي لکين روپيا فنڊ وٺن ٿا انهن جي دل تي به ڪا رهنڊ نه آئي…………!!!

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙ،اَٽو کائي ڪوئو، مار پوي گابي تي

Read Next

ڪيپٽن (ر) صفدر سميت ٽيهه جوابدارن جون عبوري ضمانتون منظور

Most Popular