فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا: منشا پاشا

ڪراچي: اداڪاره منشا پاشا چيو آهي ته فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ صرف ڳالهيون نه پر عملي قدم کڻڻا پوندا. سنجيده ماڻهو متحد ٿي وڃن ته انڊسٽري کي ڪجهه  ئي ڏينهن دوران پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو.  ميڊيا رپورٽ موجب منشا پاشا هڪ انٽرويو ۾ چيو ته فلم انڊسٽري جي بحران سبب فنڪارن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي ۽  پاڪستاني سئنيمائن تي پرڏيهي فلمون حاوي آهن اسان جي ثقافت به متاثر ٿي رهي آهي. فلمسازي جي شعبي کي تحفظ ڏيڻ وقت جي تقاضا آهي. اداڪاره منشا پاشا  هونئن ته اداڪاره آهي پر پنهنجي ويزن سان ڀريل بيانن کان پوءِ مداحن ۾ به سندس مشهوري وڌي رهي آهي.  هن فلم لال ڪبوتر ۾ بهترين اداڪاري جو مظاهرو ڪيو. ان جو ڪردار اهڙي ڇوڪري جو هو جيڪا پنهنجا  مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حياتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندي آهي جنهن کان پوءِ کيس پنهنجي منزل ملي ويندي آهي. منشا پاشا ٽي وي ڊرامن ۾ به بهترين اداڪاري جو مظاهرو ڪندي رهندي آهي. هن فلم ۾ بهترين اداڪاره لاءِ نامزدگي تي اسٽائل ايوارڊ جي جيوري جو به ٿورو ادا ڪيو.

Read Previous

ميڪرون جي بيان کانپوءِ اسٽار فٽبالر فرانس جي نمائندگي کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

فرانسيسي صدر جو اسلام مخالف بيان: ايران، قطر ۽ او آءِ سي پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار

Most Popular