فرانسيسي صدر جو اسلام مخالف بيان: ايران، قطر ۽ او آءِ سي پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار

دوحه: مسلمان ملڪن ۾ فرانسيسي صدر جي اسلام مخالف بيان کان پوءِ ڪاوڙ جو سلسلو جاري آهي. ترڪ صدر هڪ دفعو ٻيهر ميڪرون  کي دماغي علاج جو مشورو ڏنو آهي. ايران، قطر، او آو آءِ سي ۽ عرب ملڪن جي تعاون ڪائونسل طرفان به سخت مذمتي بيان جاري ڪندي اسلامي دنيا ۾ فرنچ شين جو بائيڪاٽ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو. ڪويت ۾ فرانسيسي پراڊڪٽس کي اسٽور تان هٽايو ويو. فرانسيسي صدر توهين جوڳي ۽ مسلمان مخالف قدمن، کان پوءِ اسلامي دنيا طرفان سخت رد عمل سامهون اچي ويو آهي. ترڪ صدر طيب اردوان فراسيسي صدر کي هڪ دفعو ٻيهر دماغي علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت به فرانسيسي قدمن جي مذمت ڪئي ۽ کيس نفرت جي پرچار قرار ڏنو. قطر، ڪويت، او آءِ سي ۽ عرب تعاون تنظيم به فرانسيسي صدر کي اسلام دشمن پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي. فلسطين ۾ حماس ۽ جهاد اسلامي سميت مختلف تنظيمن اسلامي ڪيسن جي دفاع جو اشارو ڏنو. مصر ۾ جامعه الازهر جي مفتي اعظم شيخ احمد الطيب، ليبيا جي صدارتي ڪائونسل جي چيئرمين يمن جي  مذهبي معاملن واري وزير، اردن ۾ اخوان المسلمين جڏهن ته شام جي سياسي پارٽين طرفان صدر ميڪرون کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. ٻئي طرف فرانسيسي  شين جو بائيڪاٽ اسلامي دنيا ۾ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو. ڪويت جي سپر اسٽورن تان سموريون فرانسيسي شيون ريڪس تان هٽايون ويون آهن. قطر ۽ تيونس ۾ به ڪيترين ئي ڪمپنين فرانسيسي ڪمپنين سان واپاري معاهدا رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا: منشا پاشا

Read Next

وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ قائم وفاقي حڪومت جي ڪوششن سان ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويو آھي : صدر عارف علوي

Most Popular