آئي سي يو ٽيڪنيشن جي ملازمن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي

نوابشاھه(رپورٽ:دانش حيدر) آئي سي يو ٽيڪنيشن جي ملازمن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٻئين ڏينهن به وائس چانسلر خلاف مين آئي سي يو وارڊ جو بائيڪاٽ ڪري ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي پي ايم يو اسپتال يونيورسٽي جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جڏھن ته ملازمن جي احتجاج سبب آئي سي يو وارڊ ۾ داخل مريضن زندگي داءُ تي لڳل آھي جنھن جي ڪري مريض جا وارث سخت پريشان آھن ۽ ڊاڪٽرن کي علاج لاءِ منٿون ڪندا رھيا، ان موقعي تي مظاهرين افضل مسيح، محمد شھزاد آرائين، افضل خواجه، دوست محمد، محمد حسين ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان پي ايم سي اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ ڪم ڪري رھيا آھيون، وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي اعلان جي باوجود اسان کي ڪورونا وائرس ۾ ڊيوٽيون ڪرايون ويون پر اسان کي نه رسڪ الائونس ڏنو ويو آھي ۽ نه ئي وري ٻيا الائونس ڏنا پيا وڃن اسان ڪيترائي ڀيرا وائس چانسلر سان ملياسين پر ھن اسان کي چيو توھان لاء ھيلٿ سيڪريٽري لاء لکيو آهي پر اڃان بجيٽ ناھي ملي، ھنن وزير اعلي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي وزير صحت، صوبائي سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن ۽ اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

سانگهڙ جي ڍڪ پاڙي ۾ گٽر نالو صاف ڪندي صفائي عملي جا 2 ملازم فوت

Read Next

موٽروي پوليس جو سيڪٽر ٽو سڪرنڊ پاران آئي جي موٽر وي پوليس سيد ڪليم امام هدايتن تي روڊ سيفٽي پروگرام منعقد ڪيو ويو

Most Popular