پاڪستان ۾ ڊسمبر ٻه هزار ايڪيهه تائين فائيو جي انٽرنيٽ سروس شروع ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: دنيا فور جي کان پوءِ هاڻ تيز ترين رفتار رکندڙ انٽرنيٽ سروس فائيو جي تي منتقل ٿي رهي آهي جنهن جي لاءِ موبائل ڪمپنين فائيو جي فونز به مارڪيٽ ۾ آڻي ڇڏيا آهن پر پاڪستان ۾ هنيئر تائين تيز ترين انٽرنيٽ سروس جي لاءِ خاطر خواهه ڪم ناهي ڪيو ويو.  ان حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير امين الحق ٻڌايو آهي ته حڪومت فائيو جي ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ تيزي سان ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ڊسمبر 2021 تائين فائيو جي سروس جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ باقاعده منصوبه بندي ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته هن منصوبه بندي جي عمل کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٽيلي ڪام ڪمپني(زونگ) سان ملي اسلام آباد جي هڪ اسپتال ۾ فائيو جي سروس جو ٽرائل به ڪيو ويندو.  ان کان اڳ اسلام آباد، ڪراچي ۽ گوادر کي فائبر آپٽڪس سان جوڙڻ تي ڪم مڪمل ڪرڻو پوندو جنهن جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان به صلاح مشورا ڪيا ويندا. وفاقي وزير ٻڌايو ته  منهنجي وزارت دوران ملڪ ۾ فائيو جي اسپيڪٽرڪ جي ٻولي لاءِ پاليسي ڪميٽي ٺاهي آهي جنهن ۾ سمورن موبائل ڪمپنين کان علاوه فريڪوئنسي ايلوڪيشن بورڊ جا نمائندا به شامل آهن.  ڪميٽي في الحال فائيو جي لائسنس جي نيلامي لاءِ  عالمي ڪنسلٽنٽ جي  ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪرڻ کان پوءِ فائيو جي سروس جي ٻولي ان جي شروعاتي قيمت ۽ ٻيون شرطون طئي ڪيون وينديون  واضح رهي ته  هلندڙ سال جنوري ۾  زونگ ۽ موبي لنڪ فائيو جي جا ٽرائل ڪري چڪا آهن جنهن جي دوران وڊيو ڪال ٽيسٽنگ ۾ انٽرنيٽ جي اسپيڊ هڪ اعشاريه پنج گيگا بائٽ(جي بي) في سيڪنڊ رهي هئي.

Read Previous

قاضي احمد : قائم جتوئي جي نياڻي آصف جتوئي جي شادي ء جي تقريب ۾ جي راڳ جي محفل ۾ مبينا فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو فوت

Read Next

سجاول جي گودامن ۾ ڪڻڪ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف ھڪ سال کان ڪڻڪ گودامن ۾ پئي خراب ٿيڻ لڳي

Most Popular