ڇا اوهان کي پنهنجي آئي فون ۾ موجود لڪيل بٽڻ جي خبر آهي؟

لنڊن:   اوهان جي آءِ فون ۾ هڪ لڪيل بٽڻ به آهي جنهن جي باري ۾ يقينن اوهان کي خبر نه هوندي ته هي لڪيل بٽڻ اوهان جي ڪهڙي ڪم اچي سگهي ٿو.  هن لڪيل بٽڻ جو  نالو بيڪ ٽيپ آهي جيڪو آءِ فون جي آءِ او ايس 14 سافٽ ويئر جي اپ ڊيٽ جو هڪ حصو آهي ۽ ان باري ۾ گهڻن ماڻهن کي خبر ئي ناهي هوندي. جيڪڏهن اوهان جي دماغ ۾ اهوئي سوال اٿي رهيو آهي ته هي بيڪ ٽيڪ بٽڻ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي ان فيچر مان فائدو وٺڻ جي لاءِ سڀني کان پهريان اوهان کي پنهنجي آءِ فون ۾ آءِ او ايس 14 سافٽ ويئر کي اپ ڊيٽ ڪرڻو پوندو.  پنهنجي فون ۾ آءِ او ايس 14 سافٽ ويئر کي اپ ڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ اوهان سيٽنگ جي آپشن ۾ وڃو ۽ ان کي اسڪرول ڪرڻ کان پوءِ اوهان ايسيسي بليٽي جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو جنهن کان پوءِ اوهان کي ٽچ جو آپشن نظر ايندو. اوهان ٽچ جي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي بيڪ ٽيپ جو آپشن نظر ايندو جنهن کي اوهان کي آن ڪرڻو پوندو. هن بيڪ ٽيپ آپشن کي آن ڪرڻ کان پوءِ اوهان اسڪرين شارٽ، آواز گهٽ ۽ وڌيڪ ڪرڻ ۽ زوم ڪرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ شيون به ڪري سگهو ٿا. مثال جي طور تي جيڪڏهن اوهان هن بيڪ ٽيپ آپشن تنا اسڪرين شارٽ وٺڻ چاهيو ٿا ته ان جي لاءِ بيگ ٽيپ کي آن ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي اسڪرين شاٽ جي آپشن کي چونڊ ڪرڻو پوندو. هاڻ اوهان جي اسڪرين شارٽ وٺڻ جي  پنهنجي فون جي پٺيان ٻه ڀيرا ٽيپ ڪرڻا پوندو جنهن کان پوءِ اوهان اسڪرين شارٽ وٺي سگهندو.  هن فيچر مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ اوهان کي هن اهم ڳالهه جو خاص خيال رکڻو پوندو ته اوهان جي فون جو ڪوور(ڪيس) وڌيڪ ٿلهو نه هجي.

Read Previous

آڪسفورڊ پاران تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي نون نتيجن اميدون وڌائي ڇڏيون

Read Next

آسٽريلوي بالر مچل جانسن رٽائرمينٽ کان پوءِ ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف

Most Popular