شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي درخواست رد

اسلام آباد:   سپريم ڪورٽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي نيب واري درخواست رد ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هاڻ ڪيس ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي جنهن تي جسٽس منيب چيو آهي ته عدالت  کي اهڙين حالتن کي ڏسڻو آهي جڏهن هاءِ ڪورٽ حڪم جاري ڪيو.  جسٽس منيب اختر نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته پراسيڪيوٽر صاحب، اوهان 4 ڏينهن اڳ ايندڙ 7 رڪني بينچ جو فيصلو پڙهيو آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جهانزيب بهروانه جواب ڏنو ته جي مون ناهي پڙهيو. جسٽس منيب چيو ته جيڪڏهن اوهان اهو فيصلو پڙهيو هجي ها ته اوهان اهڙا دليل نه ڏيو ها. هاءِ ڪورٽ جي حڪمن وقت شهباز شريف تي سفري پابنديون غير ضروري هيون.  جسٽس مشير عالم ريمارڪس ڏنا ته جوابدار هن وقت عدالتي تحويل ۾ آهي. نيب جي وڪيل چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو. شهباز شريف جو ڪيس شڪي ٽرانزيڪشن سبب سامهون آيو ۽ هو شڪي ٽرانزيڪشن سبب ڪرپشن جو مرتڪب ٿيو. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته شڪي ٽرانزيڪشن ڪرپشن جي زمري ۾ نٿي اچي. جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ عدالت اينٽي مني لانڊرنگ قانون جي تشريح ڪري چڪي آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته جڏهن هي درخواست داخل ڪئي وئي هئي ته ان وقت صورتحال ڪهڙي هئي نيب جنهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ چاهيو ٿي اها ملڪ جي مشهور شخصيت هئي. نيب جي وڪيل چيوته اڪثر جوابدار اي سي ايل ۾ نالو نه وجهڻ جي ڪري فرار ٿي ويندا آهن. انڪوائري جي مرحلي ۾ مختلف ڪيسن جا 6 جوابدار ملڪ مان ڀڄي چڪا آهن. وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار هن وقت عدالتي تحويل ۾ آهي  ۽ ان تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي، جوابدار مني لانڊرنگ ۾ به ملوث آهي.  جسٽس منيب اختر چيو ته مني لانڊرنگ بابت 4 ڏينهن اڳ 10 رڪني فل ڪورٽ جو فيصلو  آيو آهي، اوهان فيصلو پڙهي ڇو نٿا اچو. نيب وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ واري نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

Read Previous

گستاخ خاڪن ۽ فرانسيسي صدر جي اسلام مخالف بيان تي مسلم دنيا سراپا احتجاج بڻيل

Read Next

سياسي پارٽيون قومي ادارن خلاف ڳالهائي دشمن کي خوش ڪري رهيون آهن: شبلي فراز

Most Popular