سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سٽي سيوهڻ جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جي ناجائزين جي خلاف پريس ڪانفرنس

سيوهڻ شريف رپورٽ(محمد حنيف شاهاڻي)  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سٽي سيوهڻ ۽ يونين ڪائونسل باجارا جي اڳواڻن جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جي ناجائزين جي خلاف پريس ڪانفرنس تفصيل موجب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سٽي سيوهڻ جي صدر منصور آزاد يونين ڪائونسل باجارا جي صدر لطيف ٻگهيو، شاهد هاليپوٽو، سرفراز هاليپوٽو ۽ بلاول چنہ چيو تہ گذريل6  ڇھ مهينا اڳ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران باجارا جي مخصوص محلن کي پاڻيءَ جي اوپن لائين نہ ڏيڻ ۽ پاڻيءَ جي هٿرادو ڳوٺ خلاف احتجاج ڪيو ويو هو جنهن ڳالھ جو انتقام وٺندي سي ايم سنڌ جو پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري يوسي باجارا جي صدر لطيف ٻگهيو جي مٿان رپورٽ ڪرائي ڇڏي آھي ۽ ڇهن مهينن کان سندس پگهارون پڻ بند ڪيون ويون آھن جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته اسان پڇڻ گهرون ٿا تہ پنهنجن بنيادي حقن لاء احتجاج ڪرڻ ڏوھ آھي؟ ڇا پنهنجي ماڻھن جي مفاد جي ڳالھ ۽ بنيادي ضرورتن جو مطالبو ڏوھ آھي؟ جو سليم باجاري سياسي بدنيتي جو مظ هرو ڪندي سياسي انتقامي ڪاروائين جي ڪريل حرڪتن تي لهي آيو آھي. هنن وڌيڪ چيو تہ باجارا ۾ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪندي اسانجي احتجاج کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ، پر اسان عوامي طاقت سان ڀرپور احتجاج ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين جنهن ۾ اسانکي باجارا جي عوام جو ڀرپور ساٿ حاصل هئو جيڪڏھن مسڪين ماڻھن جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ ڏوھ آھي اهو ڏوھ اسين بار بار ڪندا رهنداسين. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪندي ۽ سندس پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري کي چتاءُ ڏيندي چيو تہ فوري طور پارٽي اڳواڻ کي نوڪري تي بحال ڪري سندس رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ ٻن هفتن بعد سخت لاء عمل جوڙي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

Read Previous

ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر خلاف پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي

Read Next

قاضي احمد: جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ محفل سجائي وئي

Most Popular