خيرپور : ڳوٺ کوسا موچي جي رهواسين جو ٽنڊومستي پوليس پاران نوجوان کي کنڀڻ خلاف احتجاج

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ                         )  ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ کوسا موچي جي رهواسين جو ٽنڊومستي پوليس پاران نوجوان کي کنڀڻ خلاف احتجاج، خبر موجب ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ کوسا موچي جي رهواسين ٽنڊومستي پوليس خلاف پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي سليم الله ناريجو، مائي ڀهانا، معصوم ٻارڙي فريده، غلام فاطمه ناريجو ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهرين اخبار وارن کي ٻڌايو ته اڄ صبح جو ٽنڊومستي پوليس وڏا اٽالا ساڻ ڪري اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو، پوليس عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ سان گڏ گهر مان ٻه لک روپيا روڪ، چار مينهون، چار ڳئون ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ کڻي وئي آهي، پوليس اسان جي نوجوان دريا خان ناريجو کي کنڀي پاڻ سان کڻي وئي، جنهن کي پڻ گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ ٽنڊومستي پوليس وڏي رشوت گهري رهي آهي، رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هنن چيو ته ٽنڊومستي پوليس اسان جي برادري جي بااثر ماڻهن دلبر علي ناريجو، امتياز ناريجو، غلام عابد ناريجو، غلام شبير، اڪن عرف واحد بخش ناريجو ۽ ٻين جي چرچ تي گهر تي چڙهائي ڪئي آهي، هنن چيو ته اڳ ۾ به بااثر اسان خلاف مختلف ڪورٽن ۽ ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرايا هئا، جيڪي ڪورٽ اهي سڀ خارج ڪري ڇڏيا آهن، هنن چيو ته ٽنڊومستي پوليس اڄ بااثر ماڻهن جي چوڻ تي ٻيهر اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري نوجوان کي گم ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. هنن اعليٰ عدالتن، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان جاچ ڪرائي نوجوان جي بازيابي ۽ انصاف جي گهر ڪئي آهي.

Read Previous

ھتي انصاف لاء ماڻھون ٿاڻن ۽ ادارن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن: هيومن رائٽس آف پاڪستان

Read Next

شهيد ڪرم الله چانڊيو، شهيد مختيار چانڊيو ۽ شهيد قابل چانڊيو جي قتل واقعي جي وارثن ام رباب چانڊيو

Most Popular