ڳوٺ جميل احمد آرائين جي رهواسين زميدار جاويد آرائين ۽ عبدالرزاق آرائين پنهنجي عزيزن علائقي جي مختلف برادرين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو

قاضي احمد (رپورٽ علي نواز جتوئي)  قاضي احمد لڳ ڳوٺ جميل احمد آرائين جي رهواسين  زميدار  جاويد آرائين ۽ عبدالرزاق آرائين  پنهنجي عزيزن  علائقي جي مختلف برادرين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2007 ۾ اسان نالي ڍوليو ولد محمد بچل عرف بچو کوسو کان ديھ ڪنگو ۾ ٽي ايڪڙ پنجٽيھ گهنٽا زرعي زمين خريد ڪئي، جنهن بعد وڪرو ڪندڙ ڌر لڏو کڻي ڪريم آباد هليو ويو امين جو تيرهن سالن کان قبضو پڻ مون وٽ آهي. ليڪن گذريل هڪ مهيني کان مونکي زمين وڪرو ڪندڙ ڌر تنگ ڪري رهي آهي ته مون زمين وڪرو ناهي ڪئي. جنهن تي مون علائقي جي چڱن مٺن خود سندس کوسا برادري جي  کي به دانهون ڏنيون جن پڻ کيس هدايت ڪئي مگر هو پنهنجي هوڏ تي قائم آھي مذڪوره زمين جي تڪرار بابت   سردار  جان محمد ڏاهري وٽ  فيصلو پڻ ٿيو هو  جنهن ۾ مخالف ڌر کي  ڪوڙو قرار ڏنو پر هو ڪالھ منهنجي خريد ڪيل زمين تي گهر  ٺاهي ٻار ٻچا وٺي ويهي رهيو آهي ۽ هاڻ هو زبردستي وڪرو ڪيل زمين تي جھيڙو ڪري قبضو ڪرڻ چاهي ٿو مون قاضي احمد ٿاڻي تي ايس ايڇ او کي پڻ ڪمپلين ڪئي آهي مگر ان ڪو تحرڪ ناهي ورتو مخالف ڌر  اڳرائي ڪري علائقي ۾ خونريزي ڪرڻ چاهي ٿي جيڪڏهن خوني جهيڙو  ٿيو ته ان جو ذميوار ايس ايڇ او قاضي احمد هوندو هنن  چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، چيف منسٽر سنڌ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ء ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته  زمين تان قبضو ختم ڪرائي علائقي ۾ امن امان برقرار رکيو وڃي.

Read Previous

پنوعاقل ۾ سماجي برائين خلاف شهرين جي شڪايتون تي ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون پاران نوٽيس ورتو ويو

Read Next

منهنجو مڙ مون کي فحاشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو: عورت

Most Popular