هندو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيندڙ نوجوان محمد عثمان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

سکر () سکر ۾ خيرپور شهر جي علائقي علي رضا ٿلهي جو رهواسي هندو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيندڙ نوجوان محمد عثمان پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو دانهيو آهي تہ هن ست مهينا اڳ هندو ڌرم ڇڏي پنهنجو نالو هريچند مان مسلمان نالو محمد عثمان رکي هماديه مدرسي ۾ حافظ محمد يوسف جي هٿ تي مسلمان ٿيو هيس پر هاڻ منهنجا مائٽ مونکي زبردستي حراسان ڪري مونکي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽  انڊيا موڪلڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن ڪيترائي ڀيرا سني، استاد دليپ ۽ ٻين تشدد پڻ ڪيو آهي ۽ هاڻ منهنجي زندگي خطري ۾ آهي هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ مونکي مائٽن جي ظلم کان بچائي منهنجو شناختي ڪارڊ مسلمان نالي محمد عثمان سان ٺاهي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

سکرجي گرم گودي واري علائقي واسي نوجوان عبدالحفيظ پنھوار ننڍي ڀاء عبدالمجيب پنھوارسان گڏ سکرپريس ڪلب اڳيان بااثر نظام پنھوار ۽ ٻين جي زيادتين خلاف احتجاج

Read Next

غير سرڪاري تنظيم ھينڊس طرفان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ 130 شاگردن ۾ صابڻ ورھايا

Most Popular