وزيراعظم هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، گلگت جي عوام کي نئون صوبو مبارڪ هجي: فواد چوڌري

اسلام آباد:   سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته(ن) ليگ جي مخصوص قيادت پنهنجي سياست ۾ رياست جي مفاد ۾ نقصان پهچائي رهي آهي. پنهنجي  ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان جي عوام کي نئون صوبو مبارڪ هجي. هاڻ اوهان کي اهي سمورا آئيني حق حاصل هوندا جيڪي پاڪستان جي ٻين صوبن جي عوام کي آهن. وزيراعظم عمران خان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو هاڻ ڀارت جي روئڻ جو وقت شروع ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ  ٻئي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف ڪوبه اهڙو بيانيو نه پئي ڏئي ته مسلم ليگ(ن) جي قيادت مودي جي  دوستي ۾ انڌي ٿي وئي آهي پر مسئلو اهو آهي ته هڪ ٻئي پٺيان جلسن ۾ (ن) ليگ جي مخصوص قيادت جن جا پئسا ڦاٿل آهن اهي پنهنجي سياست ۾ رياست جي مفاد کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اياز صادق کي پنهنجي بيان تي معافي گهرڻ گهرجي. ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته جهڙي طرح ڀارت ۾ سياستدان هڪ ٻئي جي ٽنگ ڇڪيندا آهن ائين ئي پاڪستان ۾ به آهي. اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ آرمي چيف جو نالو ئي ناهي ورتو. هن اسان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ڳالهه ڪئي ڇو ته هو اسان جي خلاف آهن.

Read Previous

وفاقي وزير علي زيدي جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو

Read Next

گلگت جي عوام کي سهوليتون ڏيڻ پ پ جي منشور جو حصو آهي: بلاول ڀٽو

Most Popular