پاڪستان شوبز انڊسٽري جا بهترين دوست

ڪراچي: شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ فنڪارن کي هڪٻئي جو مخالف سمجهيو ويندو آهي ۽ اداڪارائن وچ ۾ سيٽ تي وڙهڻ جون خبرون اڪثر ميڊيا جي زينٽ بڻجنديون رهنديون آهن. پر اهو سچ ناهي فنڪار پاڻ ۾ سٺا دوست به هوندا آهن، هتي اسان توهان کي انهن دوستن جي باري ٻڌائينداسين جيڪي پاڻ ۾ بهترين دوست آهن. مشهور اداڪار فواد خان ۽ احمد علي بٽ جي باري ۾ ڪي ٿورا ماڻهو ڄاڻندا هوندا ته ٻئي ڄڻا ڪيريئر جي شروعات کان هڪٻئي سان گڏ آهن، ٻئي ڄڻا نه صرف ميوزڪ بينڊ ۾ گڏ هئا پر ٻنهي اداڪاري به گڏ ڪئي. توڙي جو ٻئي هڪٻئي جي ابتڙ آهن، فواد خان شرميلو ۽ احمد علي بٽ گهڻو ڳالهائڻ وارو آهي پر ان باوجود ٻئي هڪٻئي جا سٺا دوست آهن. اداڪاره سجل علي ۽ زارا نور عباس جي دوستي ڪنهن کان لڪل ناهي، ٻئي هڪٻئي جون دوست آهن، ڪيترن ئي انٽرويز سميت مختلف موقعن تي ان ڳالهه جو هو اظهار به ڪري چڪيومن آهن. ادڪاره حريم فاروق ۽ علي رحمان ٻئي ڪيترن ئي منصوبن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن، هو هڪٻئي جا نه صرف دوست آهي پر حڪٻئي سان مذاق به سٺي ٿا ڪن. اداڪاره صنم سعيد ۽ ثروت گيلاني پهريون دفعو هڪ ٽيلي فلم ” دل ميرا ڌڙڪن تيري“ ۾ هڪ هنڌ نظر آيون هيو، ان ٽيلي فلم جي سيٽ تي ٻنهي ۾ سٺي دوستي ٿي وئي. اداڪاره ماهره خان ڪافي دوستاڻي فطرت جي مالڪ آهي، هن جو شوبز ۾ ڪنهن سان به جهيڙو ناهي ٿيو، ٿورا ماڻهو ڄاڻندا آهن ته ماهره خان ۽ مشهور فيشن ڊزائينر فيها جمشيد پاڻ ۾ سٺا دوست آهن ۽ ٻنهي جي دوستي شروع کان وٺي قائم آهي. 

Read Previous

هارائڻ جو خوف: صدر ٽرمپ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستاني امپائر عليم ڊار هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

Most Popular