مٽياري جي درگاهه سيد ڏنو بادشاہ رحمت الله عليه ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جو جشن ملهائڻ لاءِ محفل نعت شريف جو اهتمام ڪيو ويو

مٽياري :   مٽياري جي درگاهه سيد ڏنو بادشاہ رحمت الله عليه ۾ حاجي سلامت ميمڻ ۽ حاجي پرويز ميمڻ,ڊاڪٽر گلاب ميمڻ، نورالدین ميمڻ طرفان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جو جشن ملهائڻ لاءِ محفل نعت شريف جو اهتمام ڪيو ويو. محفل نعت شريف ۾ بلبل سنڌ اسرار حيدر ميمڻ ۽ حسان نذير فريدي پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي شان مبارڪ ۾ ثنا خواني ڪري حاضرين محفل کي جهومائي ڇڏيو. نعت شريف جي بابرڪت محفل ۾ شهر جي مقامي نعت خوانن به مدح سرائي ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. آخر ۾ صلوات سلام ۽ دعا کان پوءِ ميلاد شريف جو لنگر تقسيم ڪيو ويو.

Read Previous

جمعيت علماء اسلام يونٽ دڙو طرفان فرانس ۾ حضورِ اڪرم صه جي شانِ اقدس ۾ گستاخانہ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

قاضي احمد : ڳوٺ چتن شاھ جي رھواسڻ بيوه مسمات جمال بااثر خلاف پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي

Most Popular