ڪوڙا ڪيس ۽ الزام (ن) ليگ جي قائدين ۽ ڪارڪنن جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن: خورشيد ميراڻي

سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن)  ضلعي  سکر جي صدر خورشيد ميراڻي چيو آهي ته ڪوڙا ڪيس ۽  الزام (ن) ليگ جي قائدين ۽ ڪارڪنن جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن،  (ن) ليگ  عوام جي خدمت، ملڪ جي بقاء ۽ سلامتي  لاءِ  ڪم ڪيو آهي ، سمورا ڪارڪن سردار اياز صادق سان گڏ آهن، نااهل سليڪٽڊ وزير اعظم عمران خان اعلان ڪيو هو ته پي ڊي ايم جلسن ۾ جيڪڏهن 10 هزار کان وڌيڪ به  ماڻهو جمع ٿي ويا  ته مان استعيفيٰ ڏيندس، پي ڊي ايم جي جلسن ۾ لکين ڪارڪنن جي شرڪت کانپوءِ هاڻي عمران خان کي گهر وڃڻ گهرجي، پي ٽي آءِ  نااهل حڪومت وٽ عوام لاءِ ڪجهه ناهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سيڪريٽريٽ ۾ (ن)  ليگ جي اڳواڻ شيخ نظام جان، خالد آرائين ۽ ٻين عهديدارن۽ ڪارڪنن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو،خورشيد ميراڻي وڌيڪ چيو ته ڪوڙا ڪيس،  جيلون (ن) ليگ جي مشن کي ڪنهن به صورت روڪي نٿيون سگهن ، جيڪڏهن قائدين  حڪم ڏنو ته (ن) ليگ جو هر هڪ ڪارڪن موجوده حڪومت خلاف لوهي ديوار بڻجي  بيهندو، ملڪ ۾ وڌندڙ   مهانگائي باوجود  پي ٽي آءِ  حڪومت عوام کي ريليف ناهي ڏئي سگهي ۽ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ مخالفن تي الزام  لڳائي رهيا آهن،  پي ڊي ايم تحريڪ جي ڪاميابي عمران خان  کي گهر موڪلڻ لاءِ ڪافي آهي.

Read Previous

فنگشنل مسلم لیگ پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ ۽ فرانس جي صدر خلاف پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو

Read Next

نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف نصرپور چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular