نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف نصرپور چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مٽياري ؛ فنڪشنل ليگ ضلعي مٽياري پاران نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف نصرپور چوڪ کان پريس ڪلب مٽياري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويوتفصيل موجب فنڪشنل ليگ ضلعي مٽياري پاران فرانس پاران نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخانہ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف نصرپور چوڪ کان پريس ڪلب مٽياري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد حسن مرتضي شاھ ڄاموٽ، سيد زين شاه ڄاموٽ، پير علي شير سرھندي، شعيب بلوچ، پير عبدالوهاب سرھندي، بشير کتري,حامد قريشي، سيد عرفان علي شاھ، عبدالرزاق، ميمڻ ،عبدالمصطفا ميمڻ ،الطاف خاصخيلي، امجد ميمڻ،حافظ غلام نبي خاصخيلي،سيد اياز شاهه بخاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فرانس پاران اسان جي نبي ڪريم حضرت محمد مصطفيﷺ جي شان ۾ توهين آميز خاڪا ٺاهي سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي اسان جي نظر ۾ محمد ﷺ کان وڌيڪ هن دنيا ۾ ڪو به وڏو رهنما ڪونهي اسين ان عظيم شخصيت خلاف ڪنهن به قسم جي گستاخي برداشت نه ٿا ڪري سگهون فرانس حڪومت اهڙي قسم جي توهين آميز خاڪن تان دستبردار ٿي پوري دنيا جي مسلمانن کان معافي وٺڻ گهرجي هنن چيو ته پاڪستان جي حڪومت کي فرانس جي شين جو سرڪاري سطح تي بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ عاشقان رسولﷺ پاران فرانس جي صدر خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي

Read Previous

ڪوڙا ڪيس ۽ الزام (ن) ليگ جي قائدين ۽ ڪارڪنن جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن: خورشيد ميراڻي

Read Next

پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ بُرھان خان چانڊيو جي گھرن تي پوليس چڙھائي خلاف احتجاج

Most Popular