ڳڙھي خيرو : مشهور بزرگ ھستيءَ درگاه لال شاھ بري جي ساليانه عرس مبارڪ جو ٽن ڏينهن کان ميلو جاري

ڳڙھي خيرو: (رپورٽر:اسدالله لغاري) ڳڙھي خيرو ويجهو مشهور بزرگ ھستيءَ درگاه لال شاھ بري جي ساليانه عرس مبارڪ جو ٽن ڏينهن کان ميلو جاري, سنڌ ۽ بلوچستان سميت پوري پاڪستان کان زيارت لاء عقيدت مندن جي اچڻ جو سلسلو جاري،رپورٽ موجب، ڳڙھي خيرو ويجهو مشهور بزرگ ھستيءَ حضرت سيد لعل شاھ بري جو ساليانه عرس مبارڪ جو ٽن ڏينهن کان ميلو جاري آھي. سنڌ بلوچستان سميت پوري ملڪ پاڪستان مان وڏي تعداد ۾ زيارتن لاء عقيدت مند ماڻھن جي اچڻ جو سلسلو جاري آھي. ميلي ۾ کائڻ پيئڻ جي شين سان گڏ سير ۽ تفريح لاء جهولا, سرڪس سميت رانديڪن جي سامانن جا ٽهيلا پڻ لڳايا ويا. جڏهن ته پوليس انتظاميه طرفان سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا, علائقي جي ماڻھن جو چوڻ هو ته ان افرا تفري ۽ مهنگائي جي زماني ۾ هي ثقافتي ميلو عوام لاء سستا شيون ۽ صحتمند سير و تفريح جو واحد ذريعو آهي

Read Previous

اڄ آچر جي صبح جو فجر نماز مهل بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ

Read Next

پريالوء جي ڪچي واري علائقي ۾ اوڍا, ناريجا ۽ جتوئي برادين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تيز, 2 نوجوان قتل

Most Popular