عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ نيب کي تالو لڳايو وڃي: شاهد خاقان

ڪراچي:  ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، ملڪ کي اڳتي ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ نيب کي تالو لڳائڻ کان پوءِ سواءِ ٻيو حل ناهي.  وفاقي وزير ٻڌائين انهن بيعزتي ڪرڻ کان علاوه ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ قومي احتساب بيورو(نيب) کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ اسان آءِ جي سنڌ جي اغوا بابت پاڻمرادو نوٽيس جو انتظار ڪري رهيا آهيون. مهانگائي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان چيو ته کنڊ 300 ۽ ڪڻڪ جي ڪرپشن 400 ارب روپين کان مٿي هلي وئي آهي هتي عوام جي کيسن مان پئسا ڪڍيا پيا وڃن پر ڪوبه پڇڻ وارو ناهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته  وفاقي وزير سڄو ڏينهن بيعزتي ڪرڻ ۾ مصروف رهندا آهن اهي ٿورو اهو ٻڌائين ته انهن جي وزارتن ڪهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪي  منصوبا هلي رهيا آهن اهي به مڪمل ناهن ٿي سگهيا.  هن چيو ته جنهن ماڻهو جو ڪردار ئي نه هجي مان ان جي الزام تي ڪجهه به نه چوندس. لاهور ۾ اياز صادق جي خلاف پوسٽرز لڳايا ويا پر لڳائڻ وارن جي خبر ناهي.  هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ عجيب معاملا آهن هائبرڊ مادل ملڪ ۾ جيڪا تباهي ڪئي آهي ان جو ذميوار ڪير آهي.

Read Previous

مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

موٽر وي ڪيس: مُک جوابدار عابد ملهي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

Most Popular