موٽر وي ڪيس: مُک جوابدار عابد ملهي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور:  موٽر وي زيادتي واري ڪيس جو مُک جوابدار عابد  ملهي کي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موٽر وي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي کي 20 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ  کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي چيو ته جوابدار کان جاچ ڪرڻي آهي جنهن  سبب ان جو جسماني رمانڊ گهربل آهي.  ان موقعي تي جوابدار عابد عدالت  جي سامهون بيان ڏنو ته پوليس زال  ۽ ٻارن کي نه پئي ملڻ ڏئي ان تي عدالت چيو ته پهرين هي معاملو ڏسي وٺون ان کان پوءِ ملاقات به ٿي ويندي. جنهن کان پوءِ عدالت جاچ آفيسر جي استدعا منظور ڪندي جوابدار کي 15 ڏينهن جي لاءِ جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته عدالت جوابدار کي سڃاڻپ پريڊ جي لاءِ جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو هو جتي 12 آڪٽوبر تي متاثر عورت جوابدار عابد ملهي کي سڃاڻپ ڪري ورتو هو.

Read Previous

عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ نيب کي تالو لڳايو وڃي: شاهد خاقان

Read Next

ترڪي ۾ زلزلو: فوتين جو انگ وڌي ايڪاسي ٿي ويو

Most Popular