ميھڙ : گاجي کھاوڙ ڳوٺ ڪڙيو سڀڙ خان لاشاري جا رھواسي احتجاجي مظاهرو ڪندي

ميھڙرپورٽر(ميربابا) ميھڙ ڀرسان گاجي کھاوڙ ڳوٺ ڪڙيو سڀڙ خان لاشاري جا رھواسي علي اڪبر لاشاري ،غلام قادر لاشاري منير لاشاري عورتن سميت گهنٽا گهر چونڪ ميھڙ اچي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار اقبال چانڊيو ، ڪرم الله چانڊيو ، اسان جي زرعي زمين ء اسان جي پيداوار سارين جو فصل تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ھو ڏوھاري قسم جا ماڻھون آھن اسان کي مارڻ جو دمڪيو ڏئي رھيا آھن ھو ھٿيارن جي زور تي اسان غريبن جي ٻچن جو روزگار کسي رھيا آھن عورتن روئيندي چيو تہ اسان جي ٻچڙن کي خطرو آهي ھو ڏوھاري قسم جا ماڻهو آھن اسان ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ء آئي جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي زرعي زمين جي پيداوار واپس ڏياري اسان غريب مسڪين کي  تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت م اسان ايس ايس پي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين .

Read Previous

پهريون ڀيرو اہلسنت ۽ اهل تشيع جي علماء ڪرامن پاران ( وحدت پروگرام) تحت جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي شاندار تقريب ملهائي ويئي

Read Next

پنوعاقل: شهر ۾ هنڌن تي گندي پاڻي جي ناڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

Most Popular