سرسو پاران سنڌ ۾ سُهانجڙو وڻڪاري مهم هيٺ ڳوٺن ۾ 656 نرسرين جي قيام ذريعي 300000 ٻوٽا تيار ڪري ورهايا ويا

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ٻارڙن ۽ مائرن ۾ غذائيت  جي گهٽتائي واري چئلينج  کي منهن ڏيڻ لاءِ سرسو پاران سُهانجڙو وڻڪاري مُهم دوران سنڌ جي ٽن ضلعن لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ 656 نرسريون قائم ڪيون ويون، جن ۾ 300000 کان وڌيڪ ٻوٽا تيار ڪري ورهايا پڻ ويا. اهي ويچار سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي سي اِي او محمد ڏتل ڪلهوڙو سُهانجڙو وڻڪاري مهم جي باري ۾ ونڍيا. تفصيلي خبر مطابق سرسو جي سي اِي او ٻڌايو ته ”ٻارڙن ۽ مائرن ۾ غذائيت جي گهٽتائي سنڌ ۾ سڀ کان اهم مسئلي طور سامهون آئي آهي. جنهن جي ڪري اُهي ڪيترين ئي پيچيده جسماني ۽ ذهني بيمارين جي وڙ چڙهي جان به وڃائي ويهن ٿا. ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڳوٺاڻي ترقي ۽ غربت جي گهٽتائي لاءِ پاڻ پتُوڙِيندڙ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) يورپي يونين جي مالي مدد سان سنڌ جي ٽن ضلعن شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ قمبر_شهدادڪوٽ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ان لاءِ پروگرام فار امپروڊ نيوٽريشن ان سنڌ  (PINS-ER-III) نالي سان پروگرام هلندڙ آهي“. پاڻ وڌيڪ چيو ته ”وڻڪاري مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ سرسو کي سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه ۽ مقامي ڪميونٽي ادارن جو پڻ ڀرپور سهڪار حاصل آهي.“ سرسو پاران پروگرام مئنيجر PINS-ER-IIIحامد علي مگسي سُهانجڙو وڻڪاري مهم بابت وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته ”سرسو ٻارن ۽ مائرن ۾غذائيت جي گهٽتائي واري  مسئلي کي منهن ڏيڻ لاء پروگرام جي هڪ اهم مقصد طورِ سنڌ جي پُراڻي ۽ روايتي وڻ سُهانجڙو جي استعمال ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ته جيئن ان ۾ موجود غذا.ئيت مان ڀرپور فائدو وٺي سگهجي. ان لاءِ وڏي سطح تي ٽن ضلعن ۾وڻڪاري مهم شروع ڪئي ويئي آهي. جنهن لاءِ ڳوٺاڻي تنظيمن جي سهڪار سان ڳوٺن ۾ 656 نرسريون پڻ لڳائي سُهانجڙو جا 300000ٻوٽا پوکي تيار ڪري ڳوٺاڻن، هارين ۽ ڪميونٽي ادارن ۾ ورهايا ۽  لڳرايا ويا آهن“ پاڻ وڌيڪ چيو ته ”نئين تحقيق مطابق سهانجڙو هڪ مڪمل غذا آهي. ان ۾ پالڪ کان 9 ڀيرا وڌيڪ فولاد، ڪيلي کان 4 ڀيرا وڌيڪ پوٽاشيم ، ڪڻڪ کان  4 ڀيرا وڌيڪ طاقت ۽ کير کان 8 ڀيرا وڌيڪ ڪيلشم شامل آهي. سُهانجڙو جي وڻڪاري ذريعي سنڌ ۾ غذائيت جي گهٽتائي واري مسئلي کي مقامي سطح تي بهتر طور حل ڪري سگهجي ٿو. هن وڻڪاري مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ  ڳوٺن ۾ جوڙيل ڪميونٽي ادارا (سي اوز، وي اوز ۽ ايل ايس اوز) اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن“. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌ کان وڌ سهانجڙو لڳايو وڃي، ان جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ فائدا ورتا وڃن ته جيئن غذائي کوٽ جو شڪارفردن کي غذا مهيا ٿي سگهي.

Read Previous

پاڪستان تحريڪ انصاف ويلفيئر ونگ سکر پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ پاڪستان زنده باد ريلي

Read Next

خيرپور ۾ هنڱورجا جي رهواسي جو ڀائرن خلاف احتجاج

Most Popular