آمريڪي چونڊن بابت ٽوئٽ تي مهوش حيات ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻجي وئي

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات به  سڄي دنيا جيان ٻڏتر جو شڪار آهي ته 59هين آمريڪي صدارتي چونڊون ڪير کٽيندو ۽ ان حوالي سان  به هن پنهنجي مداحن کان سوال به پڇيو آهي. آمريڪي صدارتي ڇونڊن تي سڄي دنيا جون نظرون لڳل آهن ۽ ماڻهو اهو ڄاڻڻ جي لاءِ بيچين آهن ته امريڪا جو ايندڙ صدر ڪير بنجندو. مهوش حيات به ان ماڻهن ۾ شامل آهي جيڪا اهو ڄاڻڻ جي لاءِ بيچين آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن مان ڪهڙو اميدوارايندڙ چئن سالن تائين وائت هائوس جي چاٻي سنڀاليندو. مهوش حيات انسٽاگرام تي ٽرمپ ۽  بائيڊن جي صدارتي اليڪشن مهم جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ لکيو آهي ته جڏهن آمريڪا نڇ ڏئي ٿو ته سڄي دنيا ۾ ٿڌ ويندي آهي. مهوش حيات چيوته مون کي دوستن کان خبر پوڻ کان پوءِ  مان ڊپ ۾ وٺجي وئي آهيان ته آمريڪا جي وڏن علائقن ۾ بدامني جي اميد ڪئي پئي وڃي.ائين لڳي ٿو ته صرف اسان ئي نه پر وڏن ملڪن ۾ به اهڙي صورتحال هوندي آهي. مهوش حيات پنهنجي مداحن کان سوال پڇيو ته ڏسون ته ايندڙ چئن سالن جي لاءِ واهٽ هائوس جي چاٻي ڪنهن جي هٿ ۾ اچي ٿي ان سان گڏ ئي هن اهو سوال پڇيو ته اوهان کي ڇا لڳي ٿوايندڙ آمريڪي صدر ڪير هوندو.؟ مهوش حيات جي سوال تي ان جي مداحن دلچسپ جواب ڏنا ڪنهن چيو ته جيت جوبائيڊن جي ٿيندي ته ڪنهن ٽرمپ جو نالو ورتو. زينب نالي عورت چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هڪ دفعو ٻيهر آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ سوڀ ٽرمپ جي ئي ٿيندي. ڇو ته هو  آمريڪا جو نوازشريف آهي.  مان اميد ڪريان ٿي ته آمريڪا ۾ هڪ سٺو اڳواڻ اچي ٽرمپ جهڙو نه.ڪجهه ماڻهن ان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته اسان کي ان سان ڪوبه غرض ناهي ته ڪير به کٽي. جڏهن ته هڪ صارف لکيو ته پنهنجو ميڪ اپ سنڀاليو آمريڪا سنڀلجي ويندو.

Read Previous

آمريڪي رياست نيواڊا ۾ فائرنگ: حملي آور سميت چار ڄڻا مارجي ويا

Read Next

پاڪستان جاسوسي ۽ دهشتگردي جي ڏوهه ۾ سزا پوري ٿيڻ تي ٻن ڀارتي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو

Most Popular