جي يو آئي مرڪزي سڏ تي حضور صہ جا گستاخ شايع خلاف جي یو آء ۽ جي ٽي آء پاران احتجاجي مظاهرو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) جي يو آئي مرڪزي سڏ تي حضور صہ جا گستاخ شايع خلاف جي یو آء ۽ جي ٽي آء پاران احتجاجي مظاهرو. خبر موجب جمعيت علماء اسلام ۽ جمعيت طلباء اسلام پاران اڳواڻ مولانا محمد يعقوب حيدري, قاري عبدالغفار جتوئي, جي ٽي آء يونٽ بقيت السلف جي صدر قاري محمد يوسف جتوئي جي اڳواڻي ۾ مدرسه جامعه محمدي دارالقرآن بوسا لان ۾ ڪڍيو ويو . مظاهرين کي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا جن تي پياري پيغمبر جي گستاخي شيم شيم. پياري پيغمبر جا خاڪا نامنظور جھڙا نعرا لکيل ھئا. وڏي انگ ۾ مظاهري ۾ شريڪ ڪارڪنن فرانس ۽ گستاخي ڪندڙن خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي مقررين چيو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي حضور صہ جا گستاخ خاڪا شايع ڪري ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي. پر ھولوڪاسٽ جي حوالي سان اظهار جي آزادي ڪيڏانهن وڃي ٿي. ھنن چيو ته مغربي ملڪن اسلاموفوبيا ۾ ورتل آهي فرانس ۽ ٻين ملڪن ۾ پياري پيغمبر جا گستاخ خاڪا ٺاهي 57 مسلمانن ۽ دنيا جي  انسان دوستن جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي، ھنن چيو  ته توھين رسالت ناقابل برداشت جرم آهي پياري پيغمبر لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ مطالبو ڪيو ته پاڪستان فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏئي ان جي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري.

Read Previous

ڪنڊيارو : ڳوٺ بُدڪ واسي سرڪاري ملازم جي زيادتين احتجاج

Read Next

ووٽ رجسٽريشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو

Most Popular