گلگت بلتستان سان گڏ وفاق ۾ به پنهنجي حڪومت ٺاهينداسين: بلاول ڀٽو

گلگت: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان سان گڏ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين. نگر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ حڪومت کي 2 سال ٿي ويا آهن پر گلگت کي هڪ به منصوبو ناهي ڏنو ويو.  هاڻ جڏهن اليڪشن ويجهي آئي آهي ته چون پيا ته سوچي رهيا آهيون ته گلگت کي عبوري صوبو ڏئي ڇڏيون. صوبو ٺهڻ کان اڳ جيڪڏهن هي اوهان جي ڪوٽا ۽ سبسڊي ڦرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته سوچيو ته صوبو ٺهڻ کان پوءِ هي ڇا ڪندا. بلاول ڀٽو چيو ته مجوده حڪومت جي خلاف هر طبقو احتجاج ڪري رهيو آهي. هتي به ڪٺ پتلي حڪومت بڻجي ٿي ته نوجوانن سان هي ڇا ڇا نه ڪندا. وفاقي حڪومت کان پڇندا رهنداسين ته هتان جي نوجوانن لاءِ روزگار ڇو ناهي.؟ اسان گلگت بلتستان جي عوام کي تبديلي جي نالي تي تباهي کان بچائڻو آهي. اسان نه صرف گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهي رهيا آهيون پر وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان حڪومت ڏيڻ وارا آهيون. ڦرڻ وارا ناهيون. گلگت بلتستان جي عوام کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نمائندگي گهرجي. گلگت صوبو اسان جي منشور جو حصو آهي. پيپلز پارٽي هتي جي عوام کي پنهنجي زمين جو مالڪ ضرور بنائيندي. مولانا فضل الرحمان مون سان گڏ  آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته هتي هن جا ماڻهو عمران خان جو ساٿ ڏئي رهيا آهن.

Read Previous

لاهور قلندر جو رانديگر بن ڊنڪ پي ايس ايل ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهچي ويو

Read Next

ڪراچي:نارٿ ناظم آباد ۾ ٽئنڪر بئنڪ اندر ڪاهي پيو، هڪ ڄڻو فوت

Most Popular