مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر به ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جو مڙس ڪيپٽن(ر) صفدر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.  رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جو مڙس ڪيپٽن(ر) صفدر به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ ڪيپٽن صفدر لاهور پهچي ويو آهي ۽ هن پنهنجو پاڻ کي جاتي امراءَ ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.  ٻئي طرف ڪيپٽن(ر) صفدر جي ڪورونا رپورٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ ان جي زال ۽ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز به احتياط جي طور تي پنهنجو ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو آهي. ان حوالي سان خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز جو ڪورونا ٽيسٽ اڃان تائين ناهي ملي سگهيو. ڪيپٽن(ر) صفدر گلگت بلتستان چونڊ مهم ۾ مريم نواز سان گڏ هو.  واضح رهي ته ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم ۾ مصروف قمرالزمان ڪائره ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي جنهن کان پوءِ قمرالزمان ڪائره پاڻ کي اسلام آباد ۾  قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

ڪراچي:نارٿ ناظم آباد ۾ ٽئنڪر بئنڪ اندر ڪاهي پيو، هڪ ڄڻو فوت

Read Next

سنڌ هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان پوءِ آرزو فاطمه کي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular