سنڌ هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان پوءِ آرزو فاطمه کي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان پوءِ آرزو فاطمه کي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته جنهن سان هي ملڻ چاهي صرف ان سان ئي هن جي ملاقات ڪرائي وڃي.  جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جي آڏو آرزو فاطمه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙ آرزو کي پيش ڪيو ويو. عدالت آرزو کان ٻيهر پڇاڻو ڪيو ته اوهان  جي مٿان ڪو دٻاءُ ته ناهي؟ جنهن تي آرزو بيان ڏنو ته نه منهنجي مٿان ڪوبه دٻاءُ ناهي مون پنهنجي مرصي سان اسلام قبول ڪيو ۽ شادي ڪئي. آرزو جي وڪيل موقف ڏنو ته ڇوڪري هر ڀيري اهو چئي چڪي آهي ته ان جي مٿان ڪوبه دٻاءُ ناهي. آرزو جي عمر  ڏسڻ لاءِ رپورٽ پيش ڪئي وئي. 5 رڪني ميڊيڪل بورڊ آرزو جي عمر 14 کان 15 سال قرار ڏئي ڇڏي آهي. وڪيل موقف ڏنو ته 14 سالن جي ڇوڪري پسند جي شادي ڪري سگهي ٿي يا نه؟ اسان ان پوائنٽ تي دليل ڏينداسين آرزو طرفان نئين وڪيل وڪالت نامو جمع ڪرائڻ تي زور ڀريو جنهن تي عدالت چيو ته ڪيس اڳ کان ئي وڪيل موجود آهي. آرزو جي وڪيل موقف ڏنو ته ڇوڪري بالغ آهي ته پسند جو پرڻو ڪري سگهي ٿي. عدالت چيو ته ڇوڪري واضح چيو آهي ته  ان پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪيو آهي. ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ موجب آرزو جي عمر 14 کان 15 سال آهي. نادرا جي ڪاغذن موجب آرزو جي عمر تيرنهن سال آهي ان حوالي سان آرزو پسند جو پرڻو نٿي ڪري سگهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان والدين سان گڏ وڃڻ چاهيو ٿيون يا دارالازمان؟ جنهن تي آرزو عدالت جي ڪمري ۾ لڙڪ هاري ويٺي. ۽ هن چيو ته مان پنهنجي مڙس سان گڏ ويندس جيڪڏهن مون کي مڙس سان گڏ نه ڇڏيو ويو ته مان مري ويندس.  عدالت جاچ آفيسر کي چائلڊ ميرج ايڪٽ جي روشني ۾ جاچ جو حڪم ڏنوعدالت چيو ته ننڍي عمر جي شادي جي قانون جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي و ڃي. عدالت آرزو کي واپس دارالامان منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت حڪم ڏنو ته آرزو کي ان ماڻهن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي جنهن سان هو پاڻ ملڻ چاهي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر به ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي ڌڻُ ته ڌڻِي، نه ته وِڪڻُ کڻي

Most Popular